افغانستان پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، برداشت نه ڪبو: خواجه آصف

جُولاءِ 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ دور ۾ ٽي ٽي پي کي پاڪستان آڻڻ جا فائدا ٻڌائيندڙ ۽ سندن هزارين ماڻهو آڻيندڙ هاڻي شهيدن جي وارثن کي جواب ڏين

 بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته انهن ماڻهن ئي 2018ع ۾ پراڊڪٽ عمران کي لانچ ڪيو، جنهن 4 سالن ۾ ملڪ جي تباهي کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو، اُن کانپوءِ 9 مئي جو منحوس ڏينهن ڏيکاريو ويو

 افغانستان کي دوحا معاهدي جي ڀڃڪڙي جو ذميوار قرار ڏيندي خواجه آصف چيو ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي پناهه ڏئِي افغانستان برادر ملڪ جو ڪردار نه پيو نڀائي، اها صورتحال وڌيڪ نٿي هلي سگهي

 هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو، آرمي چيف جنرل عاصم منير به گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گيريزن جي دوري دوران افغانستان ۾ ٽي ٽي پي محفوظ پناهگاهن تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو هو

Leave A Comment