افغانستان ۾ آزاداڻي نموني نٿو گھمي سگھان: راشد خان

ڪابل (اسپورٽس ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپن بالر راشد خان اعتراف ڪيو آهي ته افغانستان ۾حالتن جي خرابي سبب آزاداڻي نموني گهمي نٿو سگهي، کيس بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ سفر ڪرڻو پوندو آهي.  اڳوڻي انگلش ڪپتان ڪيون پيٽرسن سان ڳالهائيندي هن ذاتي سڪيورٽي بابت انڪشاف ڪيا.  رآشد خان چيو ته  هو ڪابل جي روڊن تي عام ماڻهن وانگر گھمي ڦري نٿو سگهي ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ بلٽ پروف گاڏي استعمال ڪندو آهي. ان دوران ڪين پيرسن سوال ڪيو ته ان جي جواب ۾ راشد خان چيو ته ڄاڻايل بلٽ پروف گاڏي به سندس ذاتي حفاظت لاءِ آهي، جنهن تي ڪيون پيٽرسن دنگ رهجي ويو، پر راشد خان جي ڳالهائڻ جي انداز مان ظاهر ٿيت ه هو هن صورتحال کي معمول جو حصو سمجهي ٿو.