افغانستان ۾ عورتن تي ظلم، غيرانساني سزائون لاڳو

افغانستان ۾ عورتن تي ظلم، غيرانساني سزائون لاڳو

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي عروج تي پهچي چڪي آهي، طالبان حڪومت جو خوفناڪ چهرو بي نقاب ٿي ويو طالبان حڪومت جي آمرانه پاليسين افغانستان کي سخت معاشي، سماجي ۽ انساني بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي افغان انساني حقن جي تنظيم تولاداري طالبان حڪومت ۾ وڌندڙ ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي بي نقاب ڪيو آهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال شهرين جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي، عورتن ۽ اقليتن تي ظلمن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو. ٽارگيٽ ڪلنگ، عدالت کان مٿاها قتل، جبري گمشدگي ۽ تشدد ۾ 40.4 سيڪڙو اضافو ٿيو، 611 ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب 2025ع ۾ آمراڻين پابندين ۽ وڌندڙ جبري قانونن جي ڪري عورتن جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. طالبان عدالتن مختلف جسماني ۽ ذلت آميز سزائون لاڳو ڪيون، جن ۾ ڪوڙا هڻڻ شامل آهن، جيڪي بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهن. رپورٽ موجب نسلي گروهه ۽ مذهبي اقليتون روزگار، معاشي موقعن، عوامي وسيلن ۽ خدمتن تائين رسائي کان محروم آهن. آزاد انساني حقن جي ادارن ۽ هڪ آزاد عدليه جي غير موجودگي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ انصاف جا سڀئي رستا بند ڪيا ويا آهن. ماهرن جي مطابق طالبان جي حڪومت افغانستان کي هڪ اهڙي نقطي تي پهچايو آهي جتي بندوق قانون جي جاءِ وٺي چڪي آهي ۽ تشدد برداشت جي جاءِ ورتي آهي. موجوده افغان طالبان جي حڪومت بين الاقوامي انساني حقن جي چارٽر ۽ بنيادي انساني قدرن جي خلاف آهي.