افغانستان ۾ هڪ ضلعي تي طالبان مخالفن جي قبضي جو انڪشاف

افغانستان ۾ هڪ ضلعي تي طالبان مخالفن جي قبضي جو انڪشاف

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت خلاف هٿياربند بغاوت ٿي آهي جنهن ۾ هڪ ضلعي تي باغين جي قبضي جو به انڪشاف ڪيو ويو آهي. بي بي سيموجب طالبان مخالف هٿياربند گروپ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بدخشاں صوبي جي يفتل ضلعي تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پنجشير صوبي ۾ قومي مزاحمتي محاذ جي شڪست کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي ته طالبان جي هٿياربند مخالفن ڪنهن ضلعي تي قبضو ڪيو. طالبان اڳواڻن تصديق ڪندي چيو ته ضلعي جا اعليٰ عملدار موڪل تي هئا ته ڪجهه ماڻهن ضلعي مرڪز تي حملو ڪيو، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز ڪجهه ڪلاڪن اندر ناڪام ڪري ڇڏيو. هن آپريشن جي پويان قيوم خان ملنگ ۽ سندس گروپ سپاهيان-اي-مهان هو. مقامي ذريعن موجب حملو ڪندڙن ۾ قيوم خان پاڻ به شامل هو.