آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيارن جي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي۔ آمريڪي اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان ريڪنسٽرڪشن (SIGAR) جي جاري ڪيل تازي آڊٽ رپورٽ موجب، آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) پاڪستان مخالف ڪارروائين ۾ استعمال ڪري رهي آهي، آمريڪي هٿيارن سبب ٽي ٽي پي جي پاڪستان ۾ حملن ۾ واڌارو ٿيو آهي۔ آمريڪا افغان فورسز لاءِ 96 هزار زميني گاڏيون، 4 لک 27 هزار کان وڌيڪ هٿيار، 17 هزار 400 نائٽ ويزن ڊيوائيسز، ۽ 162 جهاز خريد ڪيا هئا۔ جولاءِ 2021 تائين، جڏهن افغان حڪومت جو زوال ٿيو، افغان هوائي فوج وٽ 131 آپريشنل آمريڪي فراهم ڪيل جهاز موجود هئا، جن مان تقريباً سڀ هاڻي طالبان جي قبضي ۾ آهن۔
افغانستان مان آمريڪي فوجين جي اوچتي ۽ افراتفري واري واپسي نه رڳو عالمي سطح تي ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو، پر هن خطي جي امن، استحڪام ۽ مستقبل تي به گهرو اثر وڌو آهي. سڀ کان اهم ۽ ڳڻتي جهڙو معاملو اهو آهي ته افغانستان ۾ رهجي ويل اربين ڊالرن جا جديد آمريڪي هٿيار هاڻي طالبان جي قبضي ۾ آهن، جنهن جا اثر نه صرف افغانستان لاءِ پر سڌي طرح پاڪستان لاءِ به سنگين صورت اختيار ڪري چڪا آهن. جڏھن طالبان اگست 2021 ۾ افغانستان تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪيو، تڏھن اڪثر هٿيار انهن جي هٿن ۾ اچي ويا. بدقسمتي سان انهن هٿيارن جو وڏو حصو هاڻي علائقائي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. پاڪستان، جيڪو گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڏو فريق رهيو آهي، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر نون خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ خطرناڪ حملن ۾ واڌ، خاص طور تي قبائلي ضلعن ۽ خيبر پختونخوا ۾ وڌندڙ دهشتگردي، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته طالبان جي قبضي ۾ آيل هٿيارن جو هڪ حصو پاڪستان مخالف گروهن وٽ پهچي چڪو آهي. پاڪستان ۾ امن دشمن عناصر، خاص طور تي بندش پيل ٽي ٽي پي جهڙا گروهه، انهن هٿيارن مان فائدو وٺي حملن جا نوان طريقا، وڌيڪ طاقتور حملا ۽ جديد حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهن. ان جو سڌو اثر پاڪستان جي امن ۽ سيڪيورٽي تي پيو آهي۔ سرحدي علائقن ۾ حالتون خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهيون آهن، سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ واڌ ٿي آهي، ۽ شهري آبادي ٻيهر خوف جي وڪڙ ۾ اچي وئي آهي.
سرحد پار کان ٿيندڙ حملن ۽ هٿيارن جي موجودگي پاڪستان کي مجبور ڪيو آهي ته اهو پنهنجي سيڪيورٽي پاليسي کي ٻيهر ترتيب ڏئي. ٻيو ته، علائقائي سطح تي پڻ صورتحال ڳنڀير ٿي رهي آهي. ايران، چين، وچ ايشيائي رياستون ۽ روس به افغانستان جي غير مستحڪم صورتحال ۽ هٿيارن جي موجودگيءَ بابت ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هٿيارن جو هي وهڪرو نه رڳو دهشتگرد گروهن جي صلاحيت وڌائي رهيو آهي، پر منشيات، اسمگلنگ ۽ ٻيون غيرقانوني سرگرميون به وڌي رهيون آهن. اسان سمجهون ٿا ته، هي مسئلو صرف هڪ ملڪ جو ناهي – اهو سموري خطي جو مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن لاءِ گڏيل، سنجيده ۽ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. عالمي برادري، خاص طور تي اسلامي دنيا کي طالبان حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته اھا هٿيارن جي غيرقانوني ورڇ بند ڪرائي ۽ پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪي. پاڪستان کي پنهنجي سرحدي ڪنٽرول ۽ نگراني کي وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي، ڊرونز ۽ اليڪٽرڪ سرويلنس ذريعي مضبوط ڪرڻو پوندو. سرحدي علائقن ۾ سيڪيورٽي فريم ورڪ کي ٻيهر منظم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. چين، ايران، روس ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان گڏيل سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ ضروري آهي، جيئن هٿيارن ۽ دهشتگردن جي چرپر روڪي سگهجي. گڏيل انٽيليجنس آپريشن خطي جي امن لاءِ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان اندر جيڪي گروهه انهن هٿيارن کي استعمال ڪري رهيا آهن، انهن خلاف شفاف حڪمت عملي سان ڪارروائي ڪرڻ لازمي آهي. آمريڪا، جيڪو انهن هٿيارن کي مهيا ڪندڙ ملڪ آهي، اخلاقاً ۽ سفارتي طور تي ان جو ذميوار آهي. بين الاقوامي برادري کي افغانستان جي صورتحال کي پري کان نه پر عملي قدم کڻي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو.
افغانستان ۾ ڇڏي ويل آمريڪي هٿيار صرف هڪ حادثو نه هئا، اهي خطي لاءِ شديد خطرو ثابت ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته خطي جي سلامتي، معيشت ۽ امن لاءِ وڏا خطرا جنم وٺندا. پاڪستان کي پنهنجي قومي سلامتي، سفارتي حڪمت عملي ۽ علائقائي تعاون کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو. امن ڪنهن هڪ ملڪ جي ذميواري ناهي پر گڏيل ذميواري آهي، ۽ وقت اچي چڪو آهي ته خطو گڏجي اهڙي صورت حال کي سنجيدگي سان منهن ڏي.