افغانين خلاف آپريشن جو فيصلو: 31 ڊسمبر کانپوءِ اسلام آباد ۾نه رهي سگهندا: گهرو وزير
نومبر 28, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسان الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته شر انگيزي جي سازش کي ناڪام بڻايو ويو. رينجرز اهلڪارن ۽ جوانن بهادري سان مظاهرين کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، پاڪ فوج ايف سي اسلام آباد. مان پنجاب ۽ سنڌ پوليس کي سندن جرئتمند ڪردار تي مبارڪباد ڏيان ٿو. پرامن پاڪستان ۽ پاڪستانين جي فتح ٿي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل عاطف بن اڪرم پمز جو دورو ڪري زخمي رينجرز۽ ايف سي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي عيادت ڪئي. گهرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز پنجاب زخمي آفيسرن ۽ جوانن جي جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کي زخمين جو بهتر علاج ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. گهرو وزير محسن نقوي زخمي آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهائيندي چيو ته توهان قوم جا هيرو آهيو، اوهان ظالمن جي ارادن کي شڪست ڏني آهي، تشدد جي باوجود، توهان صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ايف ٽي ايڪسچينج چوڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته صبح کان هڪ ئي ترجيح آهي ته زندگي معمول تي اچي، جيڪي ٿوريون گهڻيون شيون رهجي ويون آهن اُهي شام تائين معمول تي آڻينداسين. محسن نقوي چيو ته 31 ڊسمبر کانپوءِ سمورا افغان شهري اسلام آباد جي حدن ۾ رهي نه سگهندا، ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن کان علي امين ڀڄي ويو، تڏهن کان اها پروپيگنڊا شروع ٿي وئي ته هڪ اسپتال ۾ 33 لاش آهن ۽ ٻئي اسپتال ۾ به اوترا ئي لاش آهن، جيڪڏهن ڪو موت ٿيو آهي ته مون کي نالو ٻڌايو، جيڪڏهن ڪنهن هڪ پوليس واري وٽ بندوق هئي ته ٻڌايو.