افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن
آڪٽوبر 31, 2023
افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت اڄ رات 12 هين وڳي ختم ٿي ويندي
سڀاڻي کان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو
گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 هزار 553 افغاني پنهنجي وطن روانا ٿي ويا
سرڪاري انگ اکرن موجب گذريل ڏينهن افغانستان ويل غير قانوني پرڏيهين ۾ 3 هزار 153 مرد، 2 هزار 823 عورتون ۽ 5 هزار 577 ٻار شامل آهن
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعلان موجب سڀاڻي کان غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو
غير قانوني پرڏيهين کي ترسائڻ ۽ ٻيون سهولتون ڏيندڙ پاڪستانين خلاف به ڪارروائيون ٿينديون