افغانين ڪارڊ ٺهرائي ورتا شناختي ڪارڊ پاڪستاني شهري هجڻ جو ثبوت ناهي: لاهور هاءِڪورٽ

افغانين ڪارڊ ٺهرائي ورتا شناختي ڪارڊ پاڪستاني شهري هجڻ جو ثبوت ناهي: لاهور هاءِڪورٽ

لاهور (م ڊ) عدالت چيو آهي ته صرف ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ (سي اين آءِ سي) ڪنهن شخص جي پاڪستاني شهري هجڻ جو حتمي ۽ ناقابل ترديد ثبوت نه آهي. شهريت جا سڀئي معاملا لاڳاپيل قانونن، خاص طور تي پاڪستان سٽيزنشپ ايڪٽ ۽ نادرا جي قاعدن ۽ ضابطن تحت طئي ڪيا ويندا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني نادرا پاران داخل ڪيل سول نظرثاني درخواست تي فيصلو ڏيندي چيو ته شهريت ۽ قوميت سان لاڳاپيل تڪرار عام سول عدالتن جي دائري ۾ نه ٿا اچن. بلڪه انهن جو تعين مخصوص قانوني طريقيڪار ۽ لاڳاپيل ادارن ذريعي ڪيو ويندو. عدالتي رڪارڊ موجب نادرا لاڳاپيل ماڻهن جا سي اين آءِ سي ان بنياد تي منسوخ ڪيا هئا ته اهي پرڏيهي شهري هئا. بعد ۾، معاملو اسپيشل برانچ، انٽيليجنس بيورو ۽ آءِ ايس آءِ جي نمائندن تي مشتمل گڏيل تصديق ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، پر ڪميٽي به سندس پاڪستاني شهري جي تصديق ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جاچ دوران، درخواست ڏيندڙ جو پيءُ پنهنجي خانداني تاريخ ۽ بنيادي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ان سان سندس پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ تي سنگين سوال پيدا ٿيا. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو جيڪي افغان جنگ دوران ۽ بعد ۾ پاڪستان آيا هئا انهن سڃاڻپ دستاويز حاصل ڪيا هئا. جڏهن ته انهن جي اصل شهريت جي مڪمل طور تي تصديق نه ٿي سگهي. عدالت چيو ته لاڳاپيل ماڻهو 1979 کان اڳ ڪو به مستند سرڪاري رڪارڊ پيش نه ڪري سگهيا جيڪو انهن جي پيءُ جي پاڪستاني شهريت ثابت ڪري ها. ان بنياد تي عدالت نادرا جي ثبوتن کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ هيٺين عدالتن جي فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ نادرا جي درخواست کي قبول ڪيو.