ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته افغانين جي مهمان نوازي گهڻي ٿي وئي، هاڻي ڪنهن به پرڏيهي کي غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهڻ نه ڏينداسين
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته افغاني اسان جو کائي اسان جي خلاف ئي ڳالهائين ٿا، افغانين کي پناهه ڏيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪنداسين
حارث نواز اهو به چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار هلندڙ هفتي گرفتار ٿي ويندو