افغان بورڊ پاران افغانستان پريميئر ليگ ڪرائڻ جو اعلان، دبئي وينيو هوندو

ڪابل (اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) نئين ٽي ٽوئنٽي ليگ ”افغانستان پريميئر ليگ“ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب افغانستان پريميئر ليگ جي افتتاحي سيزن ۾ 5 شهرن تي ٻڌل فرنچائزز شامل هونديون، ليگ ۾ افغانستان جي نمايان قومي رانديگرن سان گڏوگڏ عالمي اسٽار ۽ اُڀرندڙ مقامي ٽيلنٽ پڻ شامل ڪيو ويندو. اي سي بي طرفان ٽورنامينٽ جو پهريون سيزن آڪٽوبر 2026 ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي، جڏهن ته پليئر ڊرافٽ جون يا جولاءِ 2026 ۾ متوقع آهي. افغانستان هر سال جولاءِ کان آگسٽ دوران پنهنجي علائقائي ٽي ٽوئنٽي ليگ ”شپگيزا ڪرڪيٽ ليگ“ پڻ ڪرائيندو رهي ٿو، جنهن ۾ 5 ملڪي ٽيمون حصو وٺنديون آهن.