افغان حملو: چين پاران پنهنجي شهرين کي سرحدي علائقا ڇڏڻ جو حڪم

افغان حملو: چين پاران پنهنجي شهرين کي سرحدي علائقا ڇڏڻ جو حڪم

دوشنبي (م ڊ) تاجڪستان ۾ چيني شهرين جي افغان حملي ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ چين پنهنجي شهرين کي سرحدي علائقا فوري ڇڏڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو، چيني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته تاجڪستان افغانستان سرحد ويجهو حملي ۾ 3 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو، پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب چين تاجڪ عملدارن کان حملي جي فوري جاچ ڪرڻ تي زور ڏنو، چيني سفارتخاني بيان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ته حملي جي پويان ڪنهن جو هٿ هو، جڏهن ته افغان انتظاميا طرفان به اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو.