| افغان سربراهه جو عيد پيغام: اسرائيل ۽ آمريڪا جي مذمت نه ڪئي |
ڪابل (م ڊ) افغان طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده چيو آهي ته افغانستان اسلامي ڀائيچاري جي بنياد تي سڀني مسلمان ملڪن سان مضبوط ۽ مثبت لاڳاپا چاهي ٿو. عيد جي پيغام ۾ اخوندزاده چيو ته افغانستان اسلامي اصولن جي بنياد تي ٻين ملڪن سان سٺا ۽ فائديمند لاڳاپا برقرار رکڻ چاهي ٿو. اسان سڀني ملڪن کي اپيل ڪريون ٿا ته افغانستان جي ماڻهن جي عقيدن ۽ قدرن جو احترام ڪن ۽ اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته افغانستان دنيا ۾ ڪٿي به مسلمانن خلاف ٿيندڙ سڀني ناانصافين ۽ حقن جي خلاف ورزين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.