افغان سرزمين تان دهشتگردي جو نئون خطرو آهي، عالمي برادري طالبان حڪومت تي دٻاءُ وجهي: وزيراعظم

  افغان سرزمين تان دهشتگردي جو نئون خطرو آهي، عالمي برادري طالبان حڪومت تي دٻاءُ وجهي: وزيراعظم

 اشڪ آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان کان اُڀري رهيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت تي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ دٻاءُ وجهي. ترڪمانستان جي شهر اشڪ آباد ۾ عالمي امن فورم کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 2025ع کي امن جو بين القوامي سال قرار ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، تڪرارن جو پرامن حل پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو ٿنب آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حمايت سان غزا ۾ امن منصوبو منظور ٿيو، جنگبندي لاءِ سهڪار تي سعودي عرب، قطر، ترڪيه، گڏيل عرب امارتن، اردن ۽ ايران جا ٿورائتا آهيون، غزا ۾ امن لاءِ ڪوششون جاري آهن، سلامتي ڪائونسل جو ٺهراءَ 2788 پاڪستان جي ويزن جي تائيد ڪري ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهي مدي واري جنگبندي ۽ انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته پائيدار امن ۽ پائيدار ترقي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، ترقي يافتا ٽيڪنالوجيز تائين منصفاڻي پهچ اڻٽر آهي، مالي شموليت ۽ عورتن کي معيشت ۾ شامل ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو نئون خطرو افغانستان کان اُڀري رهيو آهي، عالمي برادري افغان حڪومت تي ذميوارين جي ادائيگي لاءِ زور وجهي. هن چيو ته پاڪستان جو صاف ۽ سرسبز ترقياتي ماڊل عالمي مثال آهي، موسمياتي تبديلي ۽ اڻبرابري ترقي پذير ملڪن جا وڏا چئلينج آهن، موسمياتي تبديلين سبب ڪيترن ملڪن کي خطرا درپيش آهن، فورم کي عملي قدمن ۾ بدلائڻ جي ضرورت آهي، دنيا کي ٻُڙي جمع واري سوچ مان نڪري گڏيل سهڪار اختيار ڪرڻو پوندو ۽ رڳو واپار نه پر انسانن ۽ خيالن کي ڳنڍيندڙ پُل ٺاهڻ به ضروري آهي.
 

اشڪ آباد: ڪانفرنس دوران وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر وِلاديمير پيوٽن سان غيرمعمولي ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي. ٻنهي اڳواڻن انتهائي گرمجوشي سان ڳالھه ٻولھه ڪئي ۽ ڪجهه دير تائين هڪ ٻئي جو هٿ مضبوط نموني پڪڙي بيٺا رھيا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ روسي صدر اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيال ونڊيا۔ ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان، ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ٻين اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون۔ ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان به ملاقات ڪئي ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران هلندڙ سال دوران پرڏيهي جارحيت وقت هڪٻئي جي مضبوط حمايت واري عمل کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ، سرحدي منڊيون فعال ڪرڻ، سرحدي سلامتي مضبوط بڻائڻ ۽ اسلام آباد-بلوچستان ٽرانسپورٽ نيٽورڪ ذريعي ٻطرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن غزا ۾ جاري امن ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني صدر پيزشڪيان چيو ته ايران پاڪستان سان پنهنجا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي ملاقات پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪي ٻنهي جي گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان جڙيل آهن.