| افغان طالبان جي باجوڙ ۾ گولاباري: ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا شهيد |
پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغان طالبان پاران باجوڙ ۾ پاڪستاني شهري آبادي تي گولي باري جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ماڻهو شهيد ۽ ٽي سخت زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، افغان طالبان باجوڙ جي سرحدي علائقي ڪٽ ڪوٽ جي ڳوٺ ملڪ شاهين ۾ شهري آبادي تي بنا ڪنهن اشتعال جي جارحيت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جي عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان گذريل ڪجهه ڏينهن کان فتنة الخوارج جي هڪ اهم گروپ کي پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پاڪ فوج جي بروقت ڪارروائي سبب سندن اها ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. ذريعن موجب، ان ناڪامي کانپوءِ مايوس ٿي افغان طالبان اڄ ڪٽ ڪوٽ ۾ پاڪستاني شهرين کي نشانو بڻايو. پاڪ فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي افغانستان مان فائرنگ ڪندڙ گن پوزيشن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي هن ڪارروائي ۾ باجوڙ سان لڳندڙ سمورين افغان طالبان پوسٽن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن ۾ افغان طالبان جي وڏي جاني نقصان جو اطلاع آهي.باجوڙ جي رهواسين هن بزدلاڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سيڪيورٽي فورسز سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.