افغان طالبان دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪن، ڪي پي ۾ گهمندڙ نان ڪسٽم گاڏيون دهشتگردي لاءِ استعمال پيون ٿين، ڪير روڪيندو؟: پاڪ فوج

افغان طالبان دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪن، ڪي پي ۾ گهمندڙ نان ڪسٽم گاڏيون دهشتگردي لاءِ استعمال پيون ٿين، ڪير روڪيندو؟: پاڪ فوج

اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته  افغانستان ۾ دهشتگردي جا مرڪز ۽ دهشتگرد قيادت موجود آهي، افغان طالبان رجيم نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪا  آهن ، سهولتڪاري بند ڪئي  وڃي. سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي  ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته طالبان رجيم جي اها دعويٰ آهي ته ٽي ٽي پي جا ماڻهو هجرت ڪري آيا آهن ۽ مهمان آهن، جيڪڏهن هو پاڪستاني آهن ته اسان جي حوالي ڪيو وڃي، آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، دنيا ۾ بارڊر مئنيجمينٽ ٻنهي طرفن جا ملڪ گڏجي ڪندا آهن پر افغان اختياريون دهشتگردن جي سرپرستي ۽ سهولتڪاري ڪري رهيون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان جي سامهون ثبوت رکيا آهن، پاڪستان جو افغان طالبان رجيم کان مطالبو آهي ته تصديق جوڳي ميڪينزم جي تحت معاهدو ڪري، دوحه معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف واضح آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪن، پاڪ افغان سرحدي علائقن ۾ انتهائي مضبوط پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم ڳٺ جوڙ آهي، نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون آپگهاتي حملن ۾ استعمال ٿين ٿيون. اهي گاڏيون ڪي پي ڪي ۾ گهمي رهيون آهن انهن گاڏين کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته افغانستان سان دوحه معاهدي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف بلڪل واضع آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگردن جي سهولتڪاري بند ڪري. افغانستان ۾ القاعده، داعش ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون موجود آهن، جن کي اتان هٿيار ۽ فنڊنگ ملي ٿي. پاڪستان طالبان کي سڀ ثبوت ڏنا آهن، جيڪي هو نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان افغان طالبان رجيم کان مطالبو آهي ته هو هڪ قابل تصديق مڪينزم تحت معاهدو ڪري ته پاڪستان کي ان تي ڪو اعتراض نه هوندو. پاڪستان جي ان موقف جي مڪمل آگاهي ثالث ملڪن کي به آهي. هن چيو ته  ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت ۾ خود فريبي سوچ رکندڙ قيادت جي اجارا داري آهي. انڊين آرمي چيف جو بيان آهي ته اسان آپريشن سندور دوران هڪ ٽريلر ڏيکاريو جيڪو خود فريبي سوچ جي عڪاسي آهن. جنهن ٽريلر ۾ ست جهاز وڃن. 26 هنڌن تي حملا ٿي وڃن ۽ ايس 400 جون بيٽريون تباهه ٿي وڃن ته اهڙي ٽريلر تي مبني فلم جي لاءِ هارر فلم ٺهي ويندي. هن چيو ته پاڪستان خلاف زهر آلود پروپيگنڊا ڪندڙ X (ٽويٽر) اڪائونٽس پرڏيهه مان هلن ٿا. ٻاهرين ملڪن ۾ آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس پل پل پاڪستان جي بيانيي ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. اها ڳالهه واضع آهي ته جيڪا سوشل ميڊيا پاڪستان ۾ هلي رهي آهي حقيقت ۾ ان جي پٺيان بيروني هٿ آهن.