افغان طالبان پاران بجيٽ جو اڌ حصو سيڪيورٽي تي خرچ، رپورٽ جاري

افغان طالبان پاران بجيٽ جو اڌ حصو سيڪيورٽي تي خرچ، رپورٽ جاري

ڪابل (م  ڊ) ورلڊ بئنڪ تازو هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته افغان طالبان قومي بجيٽ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو نام نهاد سڪيورٽي تي خرچ ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب سڪيورٽي جي نالي تي طالبان طرفان دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ مالي مدد جو سلسلو انتها تي پهچي ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته طالبان جي سڪيورٽي خرچن جي آڙ ۾ مختلف ويڙهاڪ گروهن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ جا امڪان وڌي ويا آهن