| افغان محمد نبي پٽ حسن سان گڏ ساڳي ٽيم سان کيڏي تاريخ جوڙي ورتي |
ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) افغان ڪرڪيٽر محمد نبي ۽ سندس پٽ حسن عيسيٰ خيل بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ هڪ ئي ٽيم لاءِ کيڏي تاريخ رقم ڪئي آهي. نوآخلي ايڪسپريس لاءِ کيڏندي، حسن عيسيٰ خيل پنهنجي پيءُ سان چوٿين وڪيٽ لاءِ 53 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي ۽ ان دوران 19 سالن جي حسن عيسيٰ خيل 60 بالن تي 92 رنسون ٺاهيون. محمد نبي ۽ سندس پٽ جي جوڙي ٽي 20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ساڳئي ٽيم لاءِ کيڏڻ واري پهرين پيءُ پٽ جي جوڙي بڻجي وئي. ان موقعي تي محمد نبي چيو ته هو پنهنجي پٽ سان کيڏڻ تي تمام گهڻو خوش آهي، هو پنهنجي پٽ سان کيڏڻ لاءِ ڪافي عرصي کان انتظار ڪري رهيو هو، هن پنهنجي پٽ کي هڪ پيشيور ڪرڪيٽر بڻايو ۽ هن پنهنجي ڊيبيو تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. حسن عيسيٰ خيل چيو ته اسين سٺا دوست آهيون، منهنجو پيءُ سخت نه آهي پر هو تربيت ۾ سخت آهي، افغانستان جي قومي ٽيم لاءِ کيڏڻ منهنجو خواب آهي. هن ميچ ۾، نوخالي ايڪسپريس ڍاڪا ڪيپيٽلز کي 41 رنسن تان شڪست ڏني.