افغان پناهگيرن لاءِ رجسٽريشن ڪارڊ مدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جو فيصلو

نومبر 8, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران حڪومت افغان پناهگيرن لاءِ رجسٽريشن  ڪارڊ جي مدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

 ذريعن موجب وفاقي ڪابينا طرفان سيفرون وزارت جي سمري سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني وئي، پي او آر ۾ واڌ رجسٽرڊ  ٿيل افغان پناهگيرن جي گهر ڀاتين تي لاڳو هوندي

 ذريعن موجب پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت پي او آر جو مدو وڌائڻ جي سفارش ڪئي هئي، پي او آر ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان 31 ڊسمبر لاءِ هوندي

پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ 13 لک کان وڌيڪ آهي، جن جي ڪارڊز جو مدو  30 جون تي ختم ٿي ويو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • ريحام خان طرفان سياسي پارٽي جو اعلان

  • لاڙڪاڻي ۾ گٽر اٿلي پيا، گوڏي جيڏو پاڻي، شهري پريشان

  • کير سان وهنجدڙ مڙس جي وڊيو وائرل

  • چليهار ڀرسان عورت سان زيادتي، جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف