افغان ڪرڪيٽرن جي 3 کان وڌيڪ پرڏيهي ليگون کيڏڻ تي پابندي

افغان ڪرڪيٽرن جي 3 کان وڌيڪ پرڏيهي ليگون کيڏڻ تي پابندي

ڪابل (اسپورٽس نيوز) افغان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن تي پرڏيهي ٽي 20 ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ محدود ڪري ڇڏيو آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ ڪابل ۾ منعقد ٿيندڙ بورڊ جي سالياني اجلاس دوران ڪيل اهم پاليسي فيصلن بابت هڪ بيان جاري ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئين اي سي بي پاليسي تحت افغان ڪرڪيٽر هاڻي هڪ سال ۾ وڌ ۾ وڌ ٽي پرڏيهي ٽي 20 ليگ کيڏي سگهندا. اهو فيصلو رانديگرن جي جسماني تندرستي ۽ ذهني صحت جي حفاظت لاءِ ڪيو ويو آهي. افغان ڪرڪيٽر هاڻي افغانستان پريميئر ليگ (اي پي ايل) کان علاوه هر سال صرف ٽي پرڏيهي ليگ کيڏي سگهندا. افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب افغانستان جي ٽي 20 ليگ پنج ٽيمن تي مشتمل هوندي ۽ هن سال آڪٽوبر جي آس پاس يو اي اي ۾ شروع ڪئي ويندي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي رانديگرن تي پابندي افغان ٽيم جي ڪپتان راشد خان سان گڏوگڏ ٻين افغان رانديگرن جهڙوڪ نور احمد، مجيب الرحمان، اي ايم غضنفر ۽ رحمان الله گرباز کي به متاثر ڪري سگهي ٿي، جيڪي سال ۾ ٽن کان وڌيڪ ليگ ۾ کيڏندا آهن.