| افغان ڳالهين جو نتيجو نه نڪتو، فاٽا سان ڪيل واعدن تي عمل نه ٿيڻ جا ذميوار صوبا به آهن: خواجا آصف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ افغانستان مان دهشتگردي، اڳوڻي فاٽا جي معاملن، فوجي عدالتن ۽ مهانگائي جي مسئلن تي بحث ٿيو. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته افغانستان سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪو به نتيجو نه نڪتو، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا سان ڪيل واعدن تي مڪمل عملدرآمد به نه ٿي سگهيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ دفاعي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪئي وئي. دفاع واري وزير خواجه آصف ايوان کي ٻڌايو ته اڳوڻي فاٽا سان لاڳاپيل واعدن تي اڃا مڪمل عملدرآمد نه ٿيو آهي ۽ ان جا ذميوار صرف وفاق نه، پر صوبا به آهن. هن چيو ته ان مسئلي جي حل لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزير دفاع افغانستان سان ڳالهين بابت چيو ته ڪيترائي ڀيرا رابطا ۽ مذاڪرات ڪيا ويا، پر ڪو به عملي نتيجو سامهون نه آيو. سندس چوڻ هو ته ڪابل حڪومت پاڪستان خلاف پنهنجي سرزمين مان ٿيندڙ حملن جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته پاڪستان افغانستان کان دهشتگردن خلاف لکت ۾ يقين ڌياني گهري رهيو آهي، جيڪا اڃا تائين نه ڏني وئي آهي. اجلاس دوران اسد قيصر خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن چيو ته ڪي پي سان زيادتي ٿي رهي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل نه ٿي رهيو آهي ۽ دهشتگردي خلاف سخت ۽ بنا فرق ڪارروائي ضروري آهي. هن افغانستان سان فوري ڳالهين جي ضرورت تي به زور ڏنو. اسد قيصر مهانگائي، ٽيڪسن ۽ حڪومتي خرچن تي به تنقيد ڪندي چيو ته عوام سخت معاشي دٻاءُ جو شڪار آهي، جڏهن ته حڪومتي سطح تي غير ضروري خرچ جاري آهن. هن سياسي اڳواڻن خلاف ڪاررواين ۽ عدالتي انصاف بابت به خدشا ظاهر ڪيا. نور عالم خان چيو ته دهشتگردي ۾ عالمن سميت عام شهري شهيد ٿي رهيا آهن، پر ان معاملي تي سنجيده سوال ناهن اٿاريا پيا وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۽ قبائلي علائقن جا ماڻهو مسلسل متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته بار بار آپريشنن باوجود صورتحال بهتر نٿي ٿئي. سندس چوڻ هو ته پشتون ۽ بلوچ علائقن جي ٻارن کي هٿيار نه پر ڪتاب ڏنا وڃن. هن چيو ته عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ۽ عدم تحفظ ختم ڪرڻ لاءِ پائيدار پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ميمبر پاڻ ۾ اٽڪي پيا، اقبال آفريدي کي پنهنجي ئي پارٽي ميمبرن سان سخت جملي بازي ۽ ڪورم جي نشاندهي مهانگي پئجي وئي. پارٽي جا ئي ڪجهه ميمبر کيس مارڻ لاءِ اڳتي وڌي آيا، هڪ ميمبر ته جوتو به لاهي ڇڏيو، پر وڏي مشڪل سان وچ ۾ پئي معاملو ٿڌو ڪرايو ويو. اجلاس ۾ حڪومت کي ٻيهر ڪورم پورو ڪرڻ ۾ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو. اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڪورم پورو ڪيو ويو.