| افواهه دم ٽوڙي ويا، محمود اچڪزئي اپوزيشن ليڊر مقرر، مزاحمت کانپوءِ مفاهمت ئي ٿيندي آهي، ڳالهيون ضروري آهن: قريشي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق اپوزيشن ميمبر محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف مقرر ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تي محمود خان اچڪزئي جي جي مقرريءَ وارو معاملو ڪالهه عملي طور اڳتي وڌي ويو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق ايوان جي ڪارروائي دوران اپوزيشن ليڊر جي نامزدگي واري عمل کان آگاهه ڪندي چيو ته چيف وهپ عامر ڊوگر ۽ بئريسٽر گوهر اسپيڪر چيمبر ۾ اچن. جِتي آپوزيشن ليڊر بابت نوٽيفڪيشن جي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر واضح ڪيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن اسپيڪر چيمبر ۾ لاڳاپيل اپوزيشن قيادت حوالي ڪيو ويندو. ان اعلان کان پوءِ اپوزيشن جو وفد جنهن ۾ بئريسٽر گوهر، عامر ڊوگر ۽ ٻيا اپوزيشن اڳواڻ شامل هئا، اسپيڪر چيمبر پهتو، جتي باضابطه طور آپوزيشن ليڊر بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. واضح رهي ته محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ بابت اپوزيشن جماعتن وچ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مشاورت جاري هئي. ان دوران اپوزيشن وفدن ڪيترائي ڀيرا اسپيڪر قومي اسيمبلي سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، چيف وهپ عامر ڊوگر ۽ ٻيا سينيئر ميمبر شامل هئا. اپوزيشن طرفان اسپيڪر کي لکت ۾ آگاهه ڪيو ويو هو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن جي اڪثريت جي حمايت محمود خان اچڪزئي کي حاصل آهي. ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن ليڊر جو عهدو گذريل ڪيترن مهينن کان خالي پيل هو، جنهن سبب اپوزيشن جي پارلياماني نمائندگي متاثر ٿي رهي هئي. محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر طور نامزدگي کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو آئيني ۽ پارلياماني ڪردار ٻيهر متحرڪ ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي منظوري کان پوءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان قائدِ حزب اختلاف جي مقرريءَ جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي ترجمان مطابق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن 2007 جي قاعدي 39 تحت جاري ڪيو ويو. اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن اپوزيشن ميمبرن جي وفد حوالي ڪيو. اپوزيشن جي وفد ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر بئريسٽر گوهر علي خان، جنيد اڪبر، سردار لطيف کوسا، جمال احسن خان، شهرام ترڪئي، شاندانا گلزار، زين قريشي، علي اصغر خان، ملڪ امجد تاج ۽ يوسف خان شامل هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي معاون خاص رومينه خورشيد عالم پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق، بيرسٽر گوهر کي مخاطب ٿيندي چيو ته سياسي پارٽين جي رهنمائي سان ايوان جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو ، ان لاءِ توهان کي به مشاورت لاءِ دعوت ڏني ويندي. هوڏانهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. مولانا فضل الرحمن ان موقعي تي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ توهان جو اپوزيشن ليڊر ٿيڻ هڪ بهتر عمل آهي. محمود خان اچڪزئي مولانا فضل الرحمن جو شڪريو ادا ڪيو
لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي ۽ مزاحمت کان پوءِ به مفاهمت ئي واحد رستو آهي. اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي ۽ هو بهتر فيصلا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي هڪ صحافي پڇيو ته ڇا هو فواد چوڌري جي قومي ڳالهه ٻولهه ڪميٽي جو حصو هوندو، جنهن تي شاهه محمود قريشي چيو ته هو پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين آهي ۽ پارٽي پاليسي کان انحراف نٿو ڪري سگهي. جڏهن فواد چوڌري سان ملاقات بابت پڇيو ويو ته قريشي چيو ته هو ۽ فواد چوڌري هڪ ئي پارٽي ۾ رهيا آهن. ‘هو اسپتال ۾ کيس ملڻ آيو هو ۽ هاڻي جيڪو مهمان گهر آيو آهي ان کان اهو نٿو پڇي سگهجي ته هو کيس ملڻ ڇو آيو هو.’ شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي ته ‘جڏهن منهنجو ڀائٽيو فوت ٿيو، مون پيرول جي درخواست ڪئي ته جيئن مان جنازي ۾ شرڪت ڪري سگهان، پر ان جي اجازت نه ڏني وئي.’ افغانستان جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي خوشحالي جو رستو پاڪستان سان ڳنڍيل آهي ۽ جيڪڏهن افغانستان استحڪام چاهي ٿو ته ان کي پاڪستان سان سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا. ايراني سرحد تي صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته صورتحال هن وقت ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته هندستان جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان جنگ ۾ هندستان کي شڪست ڏني، پر خطرو اڃا تائين مڪمل طور تي ٽاريو نه ويو آهي.