اقبال کي جنم ڏينهن مبارڪ، شعر سان ڀيٽا، شهيد ارتضيٰ جي وڊيو وائرل
مَي 10, 2025
اسلام آباد(م ڊ) جنگ جي ننڍڙي شهيد ارتضيٰ عباس طوري جي پراڻي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن تي ماحول سوڳوار ٿي ويو، 6 ۽ 7 مئي وچ واري رات هندستاني حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ارتضيٰ عباس جي پراڻي وڊيو ۾کيس شاعر مشرق علامه اقبال جو شعر پڙهندي ڏٺو ويو، وائرل وڊيو ۾ ننڍڙي شهيد ارتضيٰ کي اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته آئون علامه اقبال جو جنم ڏينهن ملهائي رهيو آهيان.