اقتدار جي شهر جي عورت سول جج ڊاڪٽر به بڻجي وئي

جُون 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سول جج نزهت محمود کي نالي سان گڏ ڊاڪٽر لکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، سول جج نزهت محمود ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪئي،

هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج پاران سول جج کي نالي سان گڏ ڊاڪٽر لکڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن تي اسسٽنٽ رجسٽرار نيلم جهان خان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب مستقبل ۾ سول جج جي نالي سان گڏ ڊاڪٽر نزهت محمود خان لکيو وڃي.

Leave A Comment