اقتدار مستقل ناهي هوندو، اڄ توهان سڀاڻي اسان هونداسين، هر ظلم جو حساب ٿيندو: سهيل آفريدي

اقتدار مستقل ناهي هوندو، اڄ توهان سڀاڻي اسان هونداسين، هر ظلم جو حساب ٿيندو: سهيل آفريدي

پشاور: (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته اقتدار مستقل نه هوندو آهي، اڄ اوهان وٽ ته سڀاڻي اسان وٽ هوندو، هر ظلم جو حساب وٺنداسين. گورنمنٽ ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جمرود جي اپلائيڊ سائنسز طرفان اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ سهيل آفريدي چيو ته جمرود کي سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ترقي ۾ پوئتي رکيو ويو، خيبر، جمرود کي تعليم جي ميدان ۾ آئنده ترقي يافته قومن جيان ترقي ملندي. عمران خان جي وزن موجب انسانن تي انويسٽمينٽ ڪئي وڃي. گذريل 78 سالن ۾ اسان کي (ب) سان بندوق پڙهايو ويو ،هاڻ اسان پنهنجي جوانن کي (ق) سان قلم پڙهڻ سيکارينداسين، اسان غيرتمند به آهيون ۽ بهادر به پر بيوقوف نه آهيون، خيبرپختونخواهه جي عوام هر انهي پاليسي سان بغاوت ڪندي جنهن ۾ اسان جو نقصان هجي.هن چيو ته اها نيشنل ميڊيا آهي يا(ن) ليگ جي ميڊيا آهي، نيشنل ميڊيا پختونخواهه جي عوام کي پنهنجو نٿو سمجهي، 5 هزار ارب روپيه هڙپ ڪندڙن جو ميڊيا ٽرائل ناهي ٿيندو، مون تيراهه وادي ۾ متاثرين جي لاءِ 4 ارب روپيه رليز ڪيا ته 4 ڏينهن تائين منهنجي خلاف ميڊيا تي مسلسل پروگرام ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه جي عوام تي ڪيل ظلم ميڊيا نٿو ڏيکاري نيشنل ميڊيا سچ نٿو ڏيکاري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙ به نه ڏيکاري.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي لاءِ سمورا آئيني قدم کنيا پر ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جيڪڏهن آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي باوجود ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي ته احتجاج ٿيندو. فيصلا اسلام آباد يا راولپنڊي ۾ نه پر خيبرپختونخواهه جي عوام جي مفاد ۾ ٿيندا. صوبائي حڪومت عمران خان جي وزن ۽ پي ٽي آءِ جي منشور موجب فيصلا ڪري رهي آهي.