| اقتصادي زون قائم ڪرڻ بابت ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايجنڊا ۾ شامل هجڻ باوجود حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش نه ڪيو. بل جي مسودي مطابق اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي مان مراد وفاقي يا صوبائي اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي آهي. وفاقي حڪومت اسلام آباد لاءِ وفاقي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪندي، جڏهن صوبو اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ لاءِ تجويز ڏئي ته اِن درخواست تي لاڳاپيل صوبي جي ايس اي زيڊ اٿارٽي طرفان بورڊ آف اپروول کي موڪلي ويندي. جيڪڏهن وفاق ايس اي زيڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ته درخواست وفاقي اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي طرفان بورڊ آف اپروول کي ڏني ويندي. جتي زون جو علائقو گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ايڪڙ هوندو، اتي هڪ کان وڌيڪ ڊيولپر چونڊيا ويندا، ۽ هر ڊيولپر کي پنج سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويندي. جيڪڏهن اسپيشل اڪنامڪ زون سرڪاري زمين تي قائم ڪيو وڃي ته وفاقي يا صوبائي حڪومت هڪ سال اندر روڊ، بجلي، گيس، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪندي.