| اقليتن جي حقن بابت 16 رڪني ڪميشن قائم ٿيندي: جاچ شروع ڪرڻ ۽ سول ڪورٽ جا اختيار حاصل: بل گڏيل پارليامينٽ مان منظور |
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان اڪثريت راءِ سان منظور ٿيل اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2025 جا تفصيل سامهون اچي ويا. قومي ڪميشن براءِ اقليتي حق بل 16 ميمبرن تي مشتمل هوندو. چئني صوبن مان ٻه ٻه اقليتي ميمبر ڪميشن جو حصو هوندا. بل مطابق چئني صوبن مان اقليتي ميمبرن جي نامزدگي صوبائي حڪومت ڪندي. جڏهن ته ڪميشن جو هڪ ميمبر وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد مان هوندو، اسلام آباد مان اقيلتي ميمبر جي نامزدگي چيف ڪمشنر اسلام آباد جي صوابديد تي هوندي. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس، نيشنل ڪميشن فار اسٽيٽس آف وومن ۽ حقوق اطفال ڪميشن جو هڪ هڪ ميمبر اقيلتي ڪميشن جو ميمبر هوندو. ٽنهي ميمبر جي نامزدگي ڪميشن جو چيئرمين ڪندو. قانون، مذهبي معاملن، گهرو معاملن ۽ انساني حقن واري وزارت مان گريڊ 21 وارا آفيسر به ڪميشن جا ميمبر هوندا. ڪميشن جي ميمبرن ۽ چيئرمين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 35 سال عمر جي حد مقرر ڪئي وئي آهي. ڪميشن جي چيئرمين لاءِ انساني حقن جو تجربو لازمي هوندو. چيئرپرسن جي مقرريءَ جو عمل ايڪٽ جي شروعات کان 60 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو.قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چيئرپرسن ڪميشن جي مقرري جو پورو طيقيڪار شروع ڪرڻ جو پابند هوندو. اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ سان مشاورت کان پوءِ پارلياماني ڪميٽي تشڪيل ڏيندو. بل جي متن مطابق پارليماني ڪميٽي چئن ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽيءَ ۾ سينيٽ مان ترجيحي طور تي ٻه غير مسلم ميمبرن کي شامل هوندا. ۽ قومي اسيمبلي مان به ترجيحي ٻه غير مسلم ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي تحليل ٿيڻ جي صورت ۾ ڪميٽي صرف سينيٽ جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. اِن طرح چار رڪني ڪميٽي ۾ حڪومت، اپوزيشن جي برابر نمائندگي هوندي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪ هڪ ميمبر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان هوندو. چيئرپرسن جي مقرري جي لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن جي هڪ جيتري نمائندگي لازمي قرار ڏني وئي آهي. پارليماني ڪميٽي 30 ڏينهن اندر چيئرمين جي مقرري ڪرڻ جي پابند هوندي. جڏهن ته عدم مقرري ۽ چيئرمين لاءِ اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي معاملو وزير اعظم کي موڪليو ويندو. وزير اعظم چئني ميمبرن مان ڪنهن هڪ کي بطور چيئرمين پارليماني ڪميٽي مقرر ڪندو. وزير اعظم چيئرمين قومي اقليتي ڪميشن ۽ ميمبرن جي مقرري ڪرڻ جو پابند هوندو. قومي اقليتي ڪميشن جي چيئرپرسن کي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال تي هٽائي سگهجي ٿو. اقليتي ڪميشن کي آئيني گارنٽي تي عمل درآمد جو جائزو وٺڻ ۽ نگراني جو اختيار هوندو. اقليتين جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ متعلق لاڳاپيل آئيني حفاظتي قدم جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي ويندي. آئيني حقن لاڳو ڪرڻ ۾ لاٿ، کوٽن ۽ خلاف ورزين جي نشاندهي ڪميشن ڪندو. جڏهن ته اقليتن جي حقن بابت حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ جي نگراني به ڪميشن جي ذميواري هوندي. آئيني سيڪيورٽي ميڪنزم کي موثر بڻائڻ لاءِ سفارشون حڪومت کي موڪليون وينديون. ڪميشن کي عدالتي ڪارواين ۾ ڌر بڻجڻ جو اختيار به حاصل هوندو. ڪميشن يا ان جو لاڳاپيل نمائندو پوليس اسٽيشن، جيل يا ڪنهن به سرڪاري حراستي هنڌ جو دورو ڪري سگهندو. اقليتي قيدين، ٻڌڻي هيٺ جوابدارن يا حراست ۾ موجود ماڻهن جي حراست جي قانون حيثيت جو جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته غيرقانوني حراست جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن کي قانوني قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي ويندي. ڪميشن اقليت کي پيش ايندڙ مسئلن تي تحقيق، مطالعو ۽ مختلف مداخلتن جي سرپرستي ڪري سگهندو. اقليتن جي ترقي، با اختيار بڻائڻ ۽ مسئلي جي حل لاءِ حڪومت کي سفارشون فراهم ڪيون وينديون. ڪميشن قانون مطابق لاڳاپيل کاتن اقليتن متعلق معلومات، ڊيٽا ۽ رڪارڊ حاصل ڪري سگهندو. اقيلتن متعلق عدالتي فيصلن تي عمل درآمد جي نگراني ڪميشن ڪندو. جڏهن ته رڪاوٽن جي ازالي لاءِ اعليٰ عدليه جي رهنمائي ۽ مدد به حاصل ڪري سگهجي ٿي. اقليتن جي مسئلن جي آگاهي لاءِ مشاورت، ڳالهيون ۽ سيمينار منقعد ڪيا ويندا. سول سوسائٽي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي رابطا وڌائي اقليتن جي تحفظ لاءِ موثر لائحه عمل تجويز ڪيو ويندو. قانون تحت ڪميشن اشتعال انگيز، نفرت انگيز امتيازي سوشل ميڊيا مواد جي نشاندهي ڪري ڪارروائي جي سفارش ڪندو. اقليتن خلاف ڦهلجندڙ نفرت انگيز مواد شايع ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جي تجويز ڪئي ويند.ي ڪميشن اقليتن جي مسئلن تي خصوصي رپورٽ حڪومت ذريعي پارليمينٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. عالمي فورزم ۾ شرڪت ۽ عالمي انساني حقن جي ماهرن سان رابطو ڪميشن جي اختيارن ۾ شامل هوندو. اقليتن اندر مختلف گروهن، بشمول دلت ۽ شيڊول ڪاسٽ جي انضمام لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪرڻ جو اختيار به هوندو. اقليتن جي معاشرتي استحڪام، يڪجهتي ۽ نسل پرستي جي خاتمي لاءِ پاليسي سفارشون مرتب ڪيون وينديون. اقليتن جي حقن جي خلاف ورزي بابت ڪنهن به واقعي جي جاچ ۽ انڪوائري ڪميشن ڪندو. انساني حقن جي معاملن تي ڪميشن آزادنه فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽس تيار ڪندو. ڪميشن جي رپورٽس حڪومت کي ڪارروائي لاءِ موڪلي ويندي. ڪميشن اقليتن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفط لاءِ ضروري اختيار ۽ لاڳاپيل معاملا به سرانجام ڏيندو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اقليتن سان لاڳاپيل معاملن تي ڪميشن کان راءِ وٺي سگهنديون. شڪايت جي نوعيت مطابق ڪميشن کي بنا ڪنهن معلومات طلب ڪرڻ جي انڪوائري شروع ڪرڻ جو اختيار هوندو. انڪوائري دوران جيڪڏهن ڪنهن شخص جي ڪردار جي جاچ ضروري هجي ته ڪميشن ان کي صفائي جو موقعو فراهم ڪندو ۽ جنهن شخص جي شهرت متاثر ٿيڻ جو امڪان هجي، ان کي به پنهنجو موقف ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جو مڪمل موقعو ڏنو ويندو. گواهن جي شاهدي تي اعتراض جي صورت ۾ صفائي جو موقعو ڏيڻ شرط لاڳو نه ٿيندي. ڪميشن کي انڪوائري دوران سول ڪورٽ جا اختيار حاصل هوندا. ڪميشن گواهن کي طلب ڪري سگهي ٿو ۽ انهن جي حاضري کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. گواهن کان حلف تي بيان وٺڻ جو اختيار پڻ ڪميشن وٽ هوندو. ڪميشن کي ضروري دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جو اختيار حاصل هوندو، حلف نامن ذريعي ثبوت حاصل ڪرڻ جي اجازت پڻ ڪميشن وٽ هوندي، عدالتن يا آفيسن کان سرڪاري رڪارڊ يا ان جي نقل طلب ڪرڻ جو اختيار پڻ هوندو، ۽ گواهن يا دستاويزن جو معائنو ڪرائڻ لاءِ ڪميشن جاري ڪرڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو. ڪميشن ڪنهن به شخص جي سڃاڻپ کي راز ۾ رکڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري سگهي ٿو، چاهي هو معلومات فراهم ڪري، دستاويز پيش ڪري يا ثبوت ڏي. جيڪڏهن ڪميشن کي يقين هجي ته شخص، سندس خاندان، دوست يا ساٿي ڪنهن خطري ۾ آهن ته اضافي حفاظتي هدايتون پڻ جاري ڪري سگهي ٿو. حفاظتي قدمن ۾ جسماني تحفظ، نوڪري جو تحفظ، پرائيويسي ۽ انساني حقن جي حفاظت شامل ٿي سگهي ٿي. ڪميشن تحت هڪ ڪائونسل قائم ڪئي ويندي، جيڪا سڀ اختيار ۽ ڪم انجام ڏيندي جيڪي ڪميشن پاران تفويض ڪيا ويندا. ميمبرن جي مقرري وزيراعظم ڪندو، ڪميشن جي سفارش تي مقرر ٿيل شرطن ۽ ضابطن تحت غير آفسر شاهي ميمبرن جي مدت ملازمت ٽي سال هوندي. ڪائونسل ڪميشن پاران ڏنل اختيارن ۽ ڪم انجام ڏيندا. اقليتن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت کي خاص فنڊ مختص ڪرڻ جي پابندي هوندي. ڪميشن متاثر اقليتي ماڻهن کي مالي ۽ قانوني مدد فراهم ڪندو، ڪميشن کي مڪمل انتظامي ۽ مالي خودمختياري حاصل هوندي. نوان عهدا قائم ڪرڻ، پراڻا ختم ڪرڻ ۽ پوسٽن جي اپ گريڊ يا ڊائون گريڊ جو اختيار ڪميشن وٽ هوندو. ڪميشن پنهنجي مختص بجيٽ جي اندر رهي ڪري فنڊن کي هڪ مد مان ٻي مد ۾ منتقل ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به مد تي خرچ جي منظوري ڏيڻ جو اختيار ڪميشن وٽ هوندو. چيئرپرسن ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر هوندو. ڪميشن پنهنجو اجلاس جو طريقيڪار پاڻ طئي ڪندو، قاعدن موجب ڪميشن جو اجلاس گهٽ ۾ گهٽ هر ٽن مهينن بعد لازمي هوندو، پر ضرورت پوڻ تي وڌيڪ اجلاس پڻ گهرائي سگهجن ٿا.ڪميشن کي اقليتن جي حقن جي ڀڃڪڙي بابت شڪايتن تي انڪوائري جو اختيار حاصل هوندو. ڪميشن حڪومت يا ان جي ماتحت ادارن کان معلومات يا رپورٽون طلب ڪري سگهي ٿو، مقرر وقت ۾ رپورٽ نه ملڻ تي ڪميشن پاڻ انڪوائري اڳتي وڌائي سگهي ٿو. قومي اقليتي ڪميشن بل تحت اقليتي ڪائونسل قائم ڪئي ويندي، جيڪا 18 ميمبرن تي مشتمل هوندي. اقليتي ڪائونسل ۾ 3 هندو جن مان 2 شيڊول ڪاسٽ جا هوندا. ڪائونسل جا ٽي ميمبر عيسائي، هڪ هڪ سک، بهائي ۽ پارسي هوندا. اقليتي ڪائونسل ۾ 2 مسلم ميمبر پڻ شامل هوندا. اقليتي ڪائونسل ۾ هر صوبي جي انساني حقن يا اقليتن جي کاتي مان هڪ نمائندو ورتو ويندو، اسلام آباد جي اقليتن مان پڻ هڪ ميمبر ڪائونسل جو ميمبر هوندو. اقليتي ڪائونسل جا ميمبر به وزيراعظم مقرر ڪندو. قومي اقليتي ڪميشن ۾ اقليتن جي وڌيڪ وضاحت شامل ڪئي وئي آهي. لفظ اقليتن مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي غير مسلم هجن. اقليتن جي حقن مان مراد پاڪستان جي آئيني آرٽيڪل 20 ۽ لاڳاپيل قانونن ۾ داخل اقليتن جا حق آهن. آرٽيڪل 20 تحت مذهبي آزادي ۽ عبادت جي حقن سميت ٻيو قانون تحفظ شامل آهي.