| اقليتي ڪاڪس پاران انگريزي ۽ اردو نصاب مان نفرت انگيز ۽ امتيازي مواد ختم ڪرڻ جي سفارش |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقليتي ڪاڪس بابت پارليماني ڪميٽي جو تعارفي اجلاس سينيٽر دنش ڪمار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر پونجو ڀيل، سينيٽر خليل طاهر سنڌو، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاني (ايم اين اي)، ڪيسومل کيئل داس (ايم اين اي)، نيليسن عظيم (ايم اين اي)، رميش لال (ايم اين اي)، نويد عامر (ايم اين اي)، رميش ڪمار (ايم اين اي) ۽ سنجي پرواني (ايم اين اي) شرڪت ڪئي۔ اجلاس جي شروعات ۾ ميمبرن متفقه طور سينيٽر دنيش ڪمار کي ڪنوينر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي فورم اقليتي حقن جي موثر تحفظ، بحث ۽ حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ سينيٽر دنش ڪمار خطاب ڪندي چيو ته آئين پاڪستان ۾ اقليتن جا حق بار بار واضح ڪيا ويا آهن۔ هي ڪاڪس يقيني بڻائيندو ته اهي آئيني ضمانتون عملي تحفظ ۽ پاليسي اصلاحات جي صورت ۾ سامهون اچن. ميمبر پنهنجي ايجنڊا پيش ڪئي، جنهن جو مرڪزي محور انصاف، پاليسين جو ٻيهر جائزو ۽ اقليتي برادري لاءِ مساوي حقن جو فروغ هو۔ ڪميٽي مسئلن جي منظم جائزي کي منظور ڪيو ۽ فوري نوعيت واري پاليسي خامين ۽ اصلاح طلب شعبن جي نشاندهي ڪئي۔ اقليتي شاگردن لاءِ تعليمي وظيفن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاليسين جو ٻيهر جائزو ورتو ويو. انگريزي ۽ اردو نصاب مان نفرت انگيز ۽ امتيازي مواد کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. مذهبي مواد کي صرف لاڳاپيل مذهبي نصاب تائين محدود رکڻ جي تجويز ڏني. حفظ قرآن جي 20 نمبر موجوده ڪوٽا کي مساوي طور اقليتي شاگردن لاءِ وڌائڻ جي تجويز ڏني. اجلاس ۾ سرڪاري ادارن ۾ اقليتن لاءِ ملازمت جي ڪوٽا کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي (اي ٽي پي) بورڊ جو چيئرمين اقليتي فرد هئڻ لازمي قرار، جيئن مذهبي ورثي جي موثر نگراني ٿي سگهي. تجويز ڏني وئي ته سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽين جي طريقيڪار ۽ قاعدن اقليتي ڪاڪز تي پڻ لاڳو ڪيا وڃن. اجلاس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 1,285 هندو مندر ۽ 532 گردوارا موجود آهن، جن مان صرف 37 فعال آهن. ميمبرن سڀني عبادتگاهن جي بحالي، فعال بڻائڻ ۽ اقليتي برادري لاءِ مساوي رسائي کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. ڪاڪس پنهنجي ٽي او آرز متفقه طور منظور ڪيا ۽ آئين پاڪستان، مساوات، انصاف ۽ مذهبي آزادي جي قومي قدرن مطابق اقليتي حقن جي فروغ جو عزم ٻيهر ظاهر ڪيو. ڪنوينئر سينيٽر دنش ڪمار چيو ته ڪميٽي جون سفارشون هڪ جامع اصلاحاتي ايجنڊا جو بنياد تي هوندي، جيڪا اايندڙ اجلاسن ۾ پيش ڪئي ويندي.