| “الارم شينهن” اچي ويا، ڊپ ۾ ننڊ اڏي وڃي ٿي!! |
بيجنگ (انٽريسٽننگ نيوز) شينهن جو نالو وٺندي ئي خوف جي لهر ڦهلجي وڃي ٿي، هاڻي توهان کي صبح جو ننڊ مان اٿارڻ لاءِ اهي شينهن اچي وڃن ته پوءِ؟ چين جي صوبي جيانگسو ۾ قائم هيپي ريزورٽ ڪنٽري سائيڊ ريزورٽ اهو خواب حقيقت ۾ مٽائي ڇڏيو، اهو صبح جو الارم ڪا گهڙي يا ملازم نه پر شينهن جا ٻچا آهن، هوٽل ۾ 20 ڪمرن جو انتظام آهي هر رات رهڻ جو ڪرايو 628 يو آن آهي، صبح جي وقت تقريبن 8 کان 10 وڳي وچ ڌاري اهي شينهن جا ٻچا توهان جي ڪمري ۾ اچي ستن منٽن اندر توهان کي جاڳائي وٺن ٿا. تصور ڪيو جڏهن مڪمل ننڊ ۾ توهان کي ننڍڙا شينهن جا ٻچا نظر اچن ته پوءِ خوف به ته مزو به اچي ويندو. هي سروس ايتري ته مقبول ٿي وئي آهي ته نومبر جي آخر تائين سمورن ڪمرن جي بڪنگ ٿي چڪي آهي. پر احتياط به ضروري آهي. هوٽل انتظاميا موجب مهمانن کي پهرين هڪ معاهدي تي صحي ڪرڻي پوي ٿي، جنهن ۾ هو پنهنجي تحفظ جو پاڻ خيال رکڻ جا پابند هوندا آهن، هوٽل جي عملي پاران خاطري ڪرائي وئي آهي ته شينهن جي ٻچن جي پرورش ۽ اها منفرد جاڳائڻ واري سروس قانوني طور تي منظور ٿيل آهي. هي هوٽل نه صرف هڪ ناياب تفريح پيش ڪري ٿو پر صبح ننڊ مان اٿارڻ لاءِ هڪ تجربو فراهم ڪري ٿو جنهن کي سڄي زندگي ياد رکي سگهجي ٿو