آئون خواب ۾ آھيان. آئون رات جي وقت ۾ ساري سنڌ جا ڳوٺ, شھر, پاڙا, تاريخي عمارتون, مڪان, مقبرا, مندر, مسجدون گهمندو ٿو رهان. ڪٿي ڪٿي مون کي اڪيلائين ۾ اهڙو خوف ٿئي ٿو, جو آئون دانهون ڪري ڀڄڻ لڳان ٿو, ڄڻ تاريخ ڪنهن جن ڀوت جيان منهنجو پيڇو ڪندي رهي ٿي. تاريخ جو ڌنڌلو ڀوت مون کي جهلي ايترو ته ماري ٿو جو آئون اڌ مئو ٿي وڃان ٿو ۽ مون کي جهلي چوڻ لڳي ٿو, تون پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري ڇا ڪندين؟ ثقافت, فن تعميرات, راڳ رنگ, لباس، ٻولي, امن ۽ محبت جا سارا قصا ياد ماضي بڻجي چڪا آھن. جيئن بنگال صوبي جو آخري آزاد حاڪم سراج الدوله ۽ برصغير جا سمورا حڪمران. سراج الدوله کي مير جعفر جي پٽ ميران ۽ محمدي بيگ انهيء ئي محلات ۾، جنهن ۾ جنگ پلاسي کان اڳ سراج الدوله ٺٺ سان ٿي رهيو, خنجر هڻي قتل ڪرڻ کان پوء سندس لاش مرشد آباد شھر موڪليو ويو, جتي خوش باغ ۾ دفنايو ويو هو. ايئن ئي وقت ماڻھوءَ کي مسخ ڪرڻ ۾ دير نه ٿو لڳائي.
“برابر ائين ئي آھي, ٿورو ترس ته آئون چڪر لڳائي وٺان”, آئون ڪنڌ ھيٺ ڪري ڀڻڪان ٿو.
آئون هن وقت ھير آباد حيدرآباد جي ٻه ماڙ عمارت پهچي ٿو وڃان، جتي منهنجو مائٽ علي اڪبر چانڊيو ترسيل آھي. هو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب علاج وٺي اچي هتي رهيو ٿي.
هير آباد ورهاڱي کان اڳ ديوانن جو پاڙو هوندو هو, جتي شام ڌاري ديوانن جون عورتون هوا خوري لاءِ نڪرنديون هيون. هير آباد کانسواء ٻيا به ڪيترائي پاڙا هئا، جتي سنڌي ديوان رهندا هئا. حيدرآباد ۾ ورهاڱي کان اڳ هي پاڙا هوندا هئا: پڪي قلعي ويجهو واڍن جو پڙ, خير شاه جو پڙ, شاھي بازار جي اولھ طرف مير نصير خان جو پڙ, اتر ۾ مير محمد خان جو پڙ, ڀائي خان لوهار جو پاڙو, ان ويجهو ٺاٺارن جو پاڙو, جمن شاه جو پڙ, کٽين جو پاڙو, چوڙيگرن جي گهٽي, جيڪا هاڻي ريشم گھڻي سڏجي ٿي. اولهه طرف گدو بندر , ٽنڊو جهانيان. ٽنڊي جهانيان جي ڏکڻ ۾ چانگ عورت ماهڻ جي نالي سان ٽنڊو مائي ماهڻ, ٽنڊو آغا, ٽنڊو يوسف, ٽنڊو ولي محمد, ڪورين جو پاڙو, طبيبن جو پاڙو , ناهين جو پاڙو, بوچالي شاه جو پڙ, پکا پير وارو اوتارو, ڪلهوڙن جو قيد خانو هوندو هو, اڄ انهن پاڙن ۾ ڪوري, کٽي, کنڀاٽي, رنگريز, ذري دوز , پاٽولي سونارا, وينجهر, چوڙيگر, ڦڻيگر, سراز ڪمانگر, نقاش لوهار, ٺاٺارا, نال بند, نوبتون نغارا مڙھيندڙ , بزگر ڪونه ٿا ملن. ملن ٿا ته ميرن جا زبون حال مقبرا، سرفراز ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ ڪجهه فن تعميرات جون شاهوڪار عمارتون ۽ گهر – جيڪي ورهاڱي پڄاڻان مهاجرن کي مال غنيمت سمجهي ڏنيون ويون هيون.
آئون علي اڪبر وٽ ويٺي هڪ نقشو ڏسان ٿو, جنهن تي مڪليءَ جي پهاڙيءَ جي ڪنواس تي شھر جون عمارتون چٽيل آھن. ٺٽي ۾ ٻه پاڙا گهڻو مشھور ھوندا هئا: اسلام پوره وارو پاڙو, ٻيو ٺٽ يا ٺٺ پاڙو. ٻين ھنڌن تي هندن جا پاڙا هوندا هئا, جن ۾ جڳيسيا پاڙو, ٽوٽائي سيٺين جو پاڙو, ۽ پلنگ پاڙو. هتي جي بازارن ۾ گيارس بازار , ڀڳڙا بازار , صراف بازار, کجور بازار, ڦول بازار ۽ ٻيون بازارون هونديون هيون. هتي ڪيئي مسجدون ۽ مندر هئا, سئو گنبذن واري مسجد, چئونڪ بازار وري مسجد ۽ ٻيون ڪيئي عاليشان مسجدون هيون. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي شنگھ ڀواني وارو مندر, منشا ديوي وارو مندر ۽ ٻيا مندر هئا. ارغونن, ترخانن جي دؤر کان انگريزن جي دؤر تائين هي شھر ڪڏھن ساڙيو ويو تہ ڪڏھن لٽيو ويو.
مون کي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ٻھراڙي جي پاڙن جي يادن جي ملبن ھيٺ گونگڙي درياء جي ڪنڌيءَ کان پيرن جو پاڙو, ڪنڀارن, ميگهواڙن ۽ لاشارين جا پاڙا- جنهن کي ڇٽڙي نئين ۽ پراڻي ڇٽڙي سڏبو هو, جا ملبا به ملن ٿا. ورهاڱي کان پوء انهن پاڙن مان ديوان لڏي ويا, جن مان ڪجھ غريب ديوان انگريزن جي دؤر ۾ گڏھن تي سامان کڻي گهر گهر وڪڻندا هئا, ۽ ڪجھ ديوان وري رڍون ڪتري پشم ۽ سچي گيھ جو واپار ڪندا هئا. ڪجھ ديوان هٽ ھلائيندا هئا, ۽ زمينداري به ڪندا هئا.
گونگڙي جي ساڄي پاسي کان چانڊين جو پاڙو هوندو هو, چانڊين جي پاڙي جي وچ ۾ ملاحن جو پاڙو ۽ ڪوڪڙين جو پاڙو هوندو هو. ڏکڻ ۾ ماڇين جو پاڙو هوندو هو. ان وقت مختلف پاڙن جي ماڻھن وٽ چوپايو مال هوندو هو. ڪجھ ماڻھن وٽ ڍڳي گاڏيون هونديون هيون, جيڪي ڪرائي تي وهائيندا هئا. ڪڏھن وري شادين جي موقعن تي ڄڃ ھڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائيندا هئا, سواري لاءِ ڪميت, سرخاب نسلن جا گهوڙا ۽ غريب ماڻھن وٽ گڏھ هوندا هئا. هاري ماڻھن وٽ ڏاندن جو جوڙو هوندو هو. هر هڪ پاڙي ۾ ھڪ اوطاق هوندي هئي, جتي مسافر اچي رهندا هئا. ڪڏھن ڪليگر ايندا هئا تث ڪڏھن وري ٺاٺارا , ته ڪڏھن واڍا يا رازا ايندا هئا. هو هوڪا ڏيئي ڪم وٺي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڪم ڪري شام جو اوطاق ۾ موٽي اچي رهندا هئا. رات رهي وري ٻئي صبوح ٻئي پاڙي ڏانهن ڪوچ ڪندا هئا. کٽين جا مختلف شھرن ۾ کنڀ هوندا هئا پر ڪڏھن ڪڏھن هو پاڙن ۾ وڃي اوطاقن تي چارن کي رنگيندا هئا. هاري ماڻھو خاص ڪري اڇو ڪپڙو وٺي ان کي نيرو رنگ ڏياري ان جي گوڏ ٻڌندا هئا, يا وري اڇو ڪپڙو وٺي ان کي ڪارو يا بلو رنگ ڏياري ڪپڙا سبائي پائيندا هئا, يا وري سبيل ڪپڙن کي رڱائيندا هئا. کٽي ڪپڙن ۽ چادرن سان گڏ اجرڪون به رنگيندا هئا. ڪيئي سال اڳ مون کي سارنگ شاه کٽين جو کنڀ تڏھن گهمايو هو, جڏھن آئون سندس والد جي وفات تي تعزيت لاء ويو هوس. ان وقت کٽين اجرڪون ٿي رنگيون. هنن وٽ مهرون هيون. گرم ٿيل ڪپڙو ٽيبلن تي وڇائي ڦلڙين جون مهرون رنگ مان ٻوڙي ڪپڙي تي زور سان هنيائون ٿي, ان وقت ٻه پڙيون اجرڪون ٺھنديون هيون. ٻھراڙي جا شوقين ماڻھو هڪ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندا هئا ۽ ٻي اجرڪ ڪلهن تي رکندا هئا, ۽ اجرڪون شادين ۾ گهوٽن جي استعمال ۾ به گهڻي قدر اينديون هيون. هاڻي ته هڪ پڙيون اجرڪون به ٺھن ٿيون پر اڳوڻي رڱاوت ۽ محنت ڪانهي. چانڊين جي پاڙي جي اتر اوڀر ۾ لنڊن جو پاڙو, ڪنڊ جي ملاحن جو پاڙو هوندو هو. انهن سڀني پاڙن جا ماڻھو هاري ۽ پورهيت هوندا هئا. ڪجھ ماڻھو واڍڪو, ۽ لوهارڪو ڪم ڪندا هئا ته ڪجھ وري بينون, نڙ ۽ بوڙينڊا وڄائيندا هئا. انهن سازن جو آواز نه رڳو انهن پاڙن جي ثقافتي ۽ تاريخي چيخ محسوس ٿيندو هو, پر اهو آواز هن ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل انهن سمورن سپاهين جي روحن جي دانهن به محسوس ٿيندو هو، جيڪي صدين کان ٻاهرين حملي آورن سان وڙھندي ماريا ويا هئا.
غزل ۽ ڪافيون ڳائيندڙ راتين ۾ ڪورس جي انداز ۾ ڳائيندا هئا, ته ڪڏھن اڪيلي جهنگ ويندي يا واٽ ايندي جهونگاريندا هئا. انهن جي ڪافين جو آواز ٻڌي وار اڀا ٿي ويندا هئا.
چارڻ جنهن رات اوطاق تي اچي رهندا هئا ته سندن قصا ٻڌڻ لاء ساري پاڙي جا جوان ۽ ٻڍا گڏ ٿي ويندا هئا. هو دودي چنيسر جو قصو کڻندا هئا ته وڃي صبوح ٿيندو هو. صبوح جو هر ڪو ٻه داڻا کڻي چارڻ کي اوطاق تي ڏيئي ويندو هو. اسين ڳوٺ جا ٻارڙا انهن چارڻن کي ٻئي ڳوٺ تائين ڇڏڻ ويندا هئاسين. هوئن ته آئون ڪيترن ئي چارڻن کي ڇڏي واپس موٽيو آھيان, پر هڪ چارڻ جيڪو مون کي وڻ ويڙھي ول جيان ويڙھجي چڪو آھي, اڃان ان کان ڇڄي نه سگهيو آھيان.
آئون اتهاس ۾ ڀٽڪي جڏھن واپس موٽان ٿو ته مون کي ڪن ۾ آواز جو پڙلاءُ اچي ٿو:
ڪيڏا مون مهمان, ڄڻ ته ستارا لان ۾,
سڀ آپي ۾ اوپرا, سڀ ڪنهن پنهنجي آن،
الا هي انسان, آخر تائين اجنبي.
مون کي اوچتو قميص مان ڪائي تڻڪ اچي ٿي. آئون ڇرڪ ڀري اٿي پوان ٿو. سوچيان ٿو, آئون ته خواب مان جاڳيو آهيان. اڃان رات جي باقي پهرن ۾ ماڪ جو ڌنڌلو موجود آھي. مون کي خواب ۾ ڌونڌاڙيندڙ تاريخ جي سايي جو خوف اڃان موجود آھي. آئون اهو سڀ ڪجھ سوچي هڪ دفعو ٻيهر خاموش ٿي, پرھ جي پکين جون لاتيون ڪنايان ٿو, پر پکي به خاموش آھن. فقط ڪچي آبادي ۾ ٻارڙن جي روئڻ جو آواز اچي ٿو, جيڪو بک جي علامت محسوس ٿئي ٿو.