صدين کان قائم سنڌي سماج هڪ اهڙو معاشرو آهي، جيڪو پنهنجي تهذيب، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ انساني قدرن جي ڪري دنيا ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو. محبت، رواداري، مهمان نوازي ۽ صوفي ازم جهڙا عنصر هن سماج جا سدا کان سڃاڻپ رهيا آهن؛ پر جديد دور ۾ سنڌي سماج ڪيترن ئي چيلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن سماج جي جوڙجڪ کي نهايت ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ بنيادي سوال اڀري ٿو ته ڇا سنڌي سماج ۾ تبديلي ممڪن آهي؟
جيڪڏهن پاڻ هن خطي ۾ صدين کان قائم هن سماج جو تاريخي ۽ ثقافتي پسمنظر جاچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته پتو پوندو ته سنڌ جي تاريخ هزارين سالن تي پکڙيل آهي. موهن جي دڙي جهڙي عظيم تهذيب سنڌ جي علمي ۽ شهري ترقي جو ثبوت آهي. ان کان پوءِ اسلامي دور ۾ سنڌ علم ۽ روحانيت جو مرڪز بڻي. صوفي بزرگن جهڙوڪ: شاه ڪريم بلڙيءَ وارو، شاه عنات، شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي سنڌي سماج ۾ محبت، امن ۽ انسانيت جو درس ڏيندا رهيا آهن. انهن صوفي روايتن سنڌي سماج ۾ برداشت، رواداري ۽ گڏيل رهڻي ڪهڻي جي قدرن کي هٿي ڏني؛ پر وقت سان گڏ سياسي، معاشي ۽ سماجي تبديلين سبب اهي قدر ڪمزور ٿيندا ويا ۽ سماج ۾ نوان مسئلا پيدا ٿيا.
سنڌي سماج جي موجوده حالت تي نظر وجهنداسين ته صاف محسوس ٿيندو ته ماڻهو هاڻي بي ايماني، ڪرپشن، ناانصافي ۽ ادارن جي زوال کان گهڻو ٿڪجي پيا آهن. ان جو سبب هي آهي ته عام ماڻهوءَ کي روزمره جي زندگي ۾ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. نوڪري وٺڻي هجي، اسپتال ۾ علاج ڪرائڻو هجي، پوليس وٽ انصاف وٺڻو هجي يا تعليمي ادارن ۾ داخلا هجي، هر هنڌ رشوت، سفارش ۽ ڪرپشن جو نظام هلي رهيو آهي. جڏهن هڪ عام ماڻهو بار بار اهڙي نظام سان ٽڪرائجي ٿو ته ان ۾ بيزاري پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. هي بيزاري صرف اقتصادي نه، پر نفسياتي به آهي. ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته انهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي، انهن جي محنت جو ڪو قدر ناهي ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. نتيجي ۾ هڪ اجتماعي مايوسي جنم وٺي ٿي، جيڪا سماج جي نفسياتي صحت تي به اثرانداز ٿئي ٿي. وري ان ۾ اهو عنصر پڻ ته جڏهن معاشرو گهڻي وقت تائين بي ايماني جي ور چڙهيل هجي ته پوءِ ايمانداري پنهنجي اندر هڪ اميد جي روشني بڻجي وڃي ٿي. ماڻهو اهڙي شخص کي ڳولهڻ لڳن ٿا، جيڪو سچ ڳالهائي، انصاف ڪري ۽ اصولن تي بيهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪو معمولي سطح جو به ايماندار ماڻهو سامهون اچي ٿو ته ماڻهو ان جي حمايت لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا.
تاريخ شاهد آهي ته جڏهن سماج ظلم ۽ ڪرپشن کان تنگ اچي ٿو ته پوءِ هو ڪنهن به اهڙي آواز کي مضبوط ڪن ٿا، جيڪو سچ ۽ انصاف جي نمائندگي ڪري. اهو ته ٿيو هن سڀني منظرن ۾ اميد وارو پاسو، وري جڏهن سماج کي درپيش مسئلن ڏانهن نظر ڪريون ٿا ته ڪجهه اهم سماجي مسئلا هن طرح اسان جي اڳيان قطارون ڪري بيهي رهن ٿا. مثال طور: ڏهاڪن کان جاري تعليمي بحران: سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليمي ادارن جي حالت خراب آهي. استادن جي کوٽ، غير حاضري ۽ بنيادي سهولتن جي نه هجڻ سبب تعليم جو معيار گهٽجي ويو آهي. خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم کي ڪيترين ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان سان گڏ معاشي اڻ برابري به ماڻهن کي ٿڪائي وڌو آهي. سنڌ ۾ زمينداري نظام ۽ وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ سبب غربت وڌي رهي آهي. ٿورڙا ماڻهو دولت ۽ طاقت تي قابض آهن، جڏهن ته اڪثريت بنيادي ضرورتن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. سماج جي براين ۾ ڪارو ڪاري، بدي جي رسم، جبري شاديون ۽ عورتن سان امتيازي سلوڪ جهڙيون روايتون اڃا تائين موجود آهن، جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن. اهو پڻ ته ادارن ۾ ڪرپشن، اقربا پروري ۽ نااهلي سبب عوام جو اعتماد گهٽجي ويو آهي. انصاف جي فراهمي ۾ دير ۽ ناانصافي ماڻهن ۾ بي اعتمادي پيدا ڪري ٿي. نتيجي ۾ پاڻ ڀَلي ڀت سمجهون ٿا ته ڪرپشن ۽ ناانصافي صرف معاشي مسئلا نه آهن، پر انهن جا گهرا نفسياتي اثر پڻ آهن. جڏهن ماڻهو بار بار ناانصافي جو شڪار ٿين ٿا ته انهن ۾ بي وسي، مايوسي ۽ غصو پيدا ٿئي ٿو. اهو غصو ڪڏهن ڪڏهن سماجي بيچيني يا احتجاج جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. ٻئي طرف، ايمانداريءَ جي کوٽ سبب سماج ۾ اعتماد ختم ٿيڻ لڳي ٿو. ماڻهو هڪ ٻئي تي به ڀروسو نٿا ڪن، جنهن سان سماجي هم آهنگي متاثر ٿئي ٿي. اهڙي حالت ۾ سماج جي ترقي جو عمل سست ٿي وڃي ٿو.
انهن سڀني مسئلن جي باوجود اسان کي اها روشني نظر کان پري نه ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ پاڻ ڏسون ٿا ته سنڌي سماج ۾ تبديلي ممڪن آهي. تاريخ شاهد آهي ته ڪو به سماج هميشه هڪ جهڙو نه رهندو آهي. مناسب حڪمت عملي ۽ گڏيل ڪوششن سان تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي، پهرين ته اسان کي تعليم جي اهميت کي سمجهڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته تعليم شعور پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن سنڌ ۾ معياري تعليم کي فروغ ڏنو وڃي ته ماڻهو پنهنجي حقن کان واقف ٿيندا ۽ سماجي برائين خلاف آواز اٿاريندا. تعليم سان گڏ سوشل ميڊيا ۽ مين اسٽريم ميڊيا ذريعي ماڻهن ۾ شعور وڌائي سگهجي ٿو. اهو پليٽفارم ڪرپشن ۽ ناانصافي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ اهم آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن سماج کي قانون جي حڪمراني گهرجي ٿي، قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ضروري آهي. جڏهن هر ماڻهو قانون جي اڳيان برابر هوندو ته انصاف ممڪن ٿيندو. سماج جو اڌ حصو عورتن تي ٻڌل آهي. عورتن جي بااختياري هيمشه وڏو چئلنيج رهيو آهي. عورتن کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان سماج ۾ توازن پيدا ٿيندو ۽ ترقي جا دروازا کلي ويندا. عورتن سان گڏ نوجوان تبديليءَ جا اصل علمبردار آهن. جيڪڏهن اهي تعليم حاصل ڪري، تحقيق ڪن ۽ سماجي مسئلن تي ڪم ڪن ته سماج کي نئين راهه ملي سگهي ٿي.
ان سڄي سفر ۾ ڪافي رڪاوٽون پڻ آهن. ڇاڪاڻ ته جمود جي شڪار سنڌي سماج ۾ تبديلي آڻڻ آسان ڪم نه آهي. ڪجهه اهم رڪاوٽون هي آهن:
. پراڻي سوچ ۽ روايتن سان وابستگي
. طاقتور طبقن جي مزاحمت
. وسيلن جي کوٽ
. عوام ۾ نااميدي ۽ بي حسي
انهن رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي، حڪمت عملي ۽ گڏيل جدوجهد ضروري آهي. ان حوالي سان ڪيترائي عالمي مثال پڻ موجود آهن. دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن، جيڪي پستيءَ مان نڪري ترقي ڏانهن ويا. انهن ملڪن تعليم، سٺي حڪمراني ۽ ايمانداريءَ کي ترجيح ڏني. سنڌ به انهن مثالن مان سکندي پنهنجي سماج کي بهتر بڻائي سگهي ٿي. هن سڄي بحث کانپوءِ آخر ۾ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي سماج ۾ تبديلي ممڪن آهي، پر ان لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. موجوده حالتن ۾ بيزاري، مايوسي ۽ ناانصافي جي باوجود اميد جي روشني اڃا ٻري پئي، جيڪڏهن تعليم، شعور، قانون جي حڪمراني ۽ ايمانداريءَ کي فروغ ڏنو وڃي ته سنڌي سماج کي ترقي جي راهه تي آڻي سگهجي ٿو. سنڌي سماج وٽ پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ انساني قدرن جي صورت ۾ اهڙا بنياد موجود آهن، جن تي هڪ بهتر مستقبل تعمير ڪري سگهجي ٿو. ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته اسان ايمانداري، انصاف ۽ گڏيل جدوجهد کي پنهنجو اصول بڻايون. ان سلسلي ۾ البرٽ ڪامو جو مشهور ناول ’دي پليگ‘ ۾ جا اهي قول ورجائي سگهجن ٿا ته ايمانداريءَ سان ئي مصيبتن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. ناول ۾ وبا (طاعون) صرف هڪ بيماري نه، پر انساني حالتن، خوف، اڪيلائي ۽ اخلاقي امتحان جي علامت آهي. ڪامو، وبا سان مقابلي بابت ڪو سادو طبي نسخو نٿو ڏئي، پر هڪ اخلاقي ۽ فلسفيانه راهه ڏيکاري ٿو. اهو رستو ايمانداريءَ جو آهي. هو صاف لفظن ۾ لکي ٿو. ’وبا سان مقابلو ڪرڻ جو واحد طريقو ايمانداري آهي.‘ هن جملي مان مطلب صرف سچ ڳالهائڻ نه آهي، پر پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ آهي. ڀلي حالتون ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن، پنهنجو فرض پورو ڪجي. البرٽ ڪامو جو اهو پيغام واضح آهي ته وبا هجي يا ڪو به بحران، ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ايمانداري، فرض شناسي، گڏيل جدوجهد ۽ انسانيت ضروري آهن. هو اسان کي سيکاري ٿو ته وڏي مصيبتن ۾ به انسان پنهنجو ڪردار نڀائي سگهي ٿو ۽ سچائيءَ سان بيهڻ ئي اصل بهادري آهي.