الرا -جتوئي تڪرار، وڌيڪ 2 ڳوٺاڻا قتل

جُون 25, 2025

پريالوءِ ( پنهنجي ڊيسڪ )پريالوءِ لڳ  الرا -جتوئي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن هٿان 2 پيرسن قتل، پريالوءِ  ڀرسان ڳوٺ بندائي شيخ وٽ ڳوٺ منشي حيات الرو ويندڙ موٽرسائيڪل سوارن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو پهلوان الرو ۽ 55 ورهين جو ولي محمد الرو مارجي ويا، ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته تاڙ ۾ ويٺل جتوئي برادري جي 5 کان وڌيڪ هٿياربندن  حملو ڪندي اسان جي ٻن ڳوٺاڻن کي قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف واقعي جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو،  ٻن ڄڻن جي قتل کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري