الزام نه هنيا وڃن، پهرين صف ۾ بيهي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ نشانو بڻيا آهيون: پي ٽي آءِ

الزام نه هنيا وڃن، پهرين صف ۾ بيهي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ نشانو بڻيا آهيون: پي ٽي آءِ

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيو آهي ته اسان تي پريس ڪانفرنسز ۾ الزام نه هنيا وڃن، پي ٽي آءِ سدائين دهستگردي جي مذمت ڪئي آهي، اهو چوڻ نامناسب آهي ته ڪي پي سرڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سهڪار نٿي ڪري، اسان پهرين صِف ۾ بيهي دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اُن جو نشانو بڻيا آهيون، پي ٽي آءِ چيئرمين پاران نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نقطن تي عمل جو مطالبو، بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جو سگنل اسپيڪر کي مليو هوندو، پي ٽي آءِ ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي کي ڏنو آهي، اسان اڳ ئي ڳالهين لاءِ تيار هجڻ جو ٻڌائي چُڪا آهيون، پر حڪمران پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نٿا ڪرائين، پي ٽي آءِ باني جيئن چوندو تيئن ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ تي تهمت لڳائڻ ٺيڪ ناهي، اسان سان گڏجي لائحه عمل طئه ڪريو، پي ٽي آءِ عوام ۽ ادارن وچ ۾ ويڇا ختم ڪري سگهي ٿي، اسان کي به پاليسي جوڙڻ جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، اسد قيصر چيو ته عوام هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو چاهي ٿو، وفاقي سرڪار اُن سلسلي ۾ صوبائي اسيمبلي کي اعتماد ۾ وٺي، اسان جي جماعت پُرامن آهي پر جلسا ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، ادارن ۽ عوام وچ ۾ هم آهنگي هجڻ گهرجي.