الزام هيٺ نوجوان سان شادي: اغوا ۽ زيادتي واقعو رد، ميهڙ جي شاگردياڻي والدين خلاف ٿي وئي

الزام هيٺ نوجوان سان شادي: اغوا ۽ زيادتي واقعو رد، ميهڙ جي شاگردياڻي والدين خلاف ٿي وئي

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي حاصل کوسو واسڻ يارھين درجي جي شاگردياڻي شبانه چانڊيو کي جوابدار فريد کوسو پاران دوستي نه رکڻ تان مبينا اغوا ڪري تشدد ۽ هراسان ڪرڻ واري واقعي ٻيو رخ اختيار ڪري ورتو،  ميھڙ بي سيڪشن پوليس شاگردياڻي شبانا چانڊيو کي حراست ۾ وٺڻ بعد 164 جي بيان تحت انچارج فرسٽ سول جج اعجاز حسين تنيو جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي شاگردياڻي 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو عدالتي ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته شاگردياڻي شبانه چانڊيو عدالت ۾ پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته مون کي نه ڪنھن اغوا ڪيو آھي ۽ نه وري مونسان زيادتي ٿي آھي مون پنھنجي رضامندي سان نوجوان فريد کوسو سان شادي ڪئي آھي جنھن جو 15/11/2025 جو نڪاح نامو پڻ پيش ڪيو آھي،  نڪاح بعد منھنجا والدين مون مٿان ڏمرجي پيا ۽مون کي ڌمڪيون ڏيندا ھئا ۽ مون کان زبردستي پنھنجي مڙس خلاف غلط بيان ڏياريو ويو مون کي پنھجي مڙس ۽ ساھرن جي حوالي ڪيو وڃي ميھڙ جي عدالت پاران شاگردياڻي جي اھڙي 164 جي بيان بعد ميھڙ پوليس کي ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪندي شاگردياڻي کي پنھنجي رضامندي تحت ساھورن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
 

شاگردياڻي ۽ نوجوان کي سخت پهري هيٺ عدالت آندو ويو

ميهڙ:  ميھڙ پوليس شاگردياڻي شبانه چانڊيو ۽ الزام ھيٺ آيل جوابدار فريد کوسو کي سخت پھري ھيٺ ميھڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ناري ۽ نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ صحافين کي پري رکيو ويو ۽ شاگردياڻي کي ميڊيا کي بيان ڏيڻ کان پڻ روڪيو ويو، ياد رھي تہ 10 ڏينھن اڳ شاگردياڻي شبانه چانڊيو پنھنجي والد احمد علي چانڊيو سان گڏ ميھڙ ٿاڻي تي پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ھو ته جوابدار فريد کوسو ۽ ٻين دوستي نه رکڻ تان کيس اغوا ڪري مون مٿان تشدد ڪيو آھي
 

شاگردياڻي جا والدين پڻ عدالت ۾ موجود، ملاقات نه ڪرائي وئي، پوليس خلاف دانهون
 

ميهڙ: ٻئي پاسي شاگردياڻي شبانه چانڊيو کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ دوران ٔشاگردياڻي جو والد احمد علي چانڊيو ۽ سندس امڙ به عدالت پهتا جتي شاگردياڻي جا والدين ڌي سان ملاقات نه ڪرائڻ تي ميھڙ پوليس خلاف پڻ دانھون ڪندا رھيا