الزام واپس، 4 ئي ڪيس خارج : سعيد غني ۽ حليم عادل ٺهي ويا

آڪٽوبر 21, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني الزام واپس وٺڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف داخل ڪرايل چارئي ڪيس واپس وٺي ڇڏيا

ڪراچي جي ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ شاهد علي ميمڻ حلفي بيان داخل ڪرائڻ تي حليم عادل شيخ خلاف چارئي ڪيس خارج ڪري ڇڏيا

 سعيد غني چيو ته حليم عادل شيخ منهنجي خلاف لڳايل الزام واپس ورتا، جنهن بعد سندس خلاف داخل ڪرايل ڪيس واپس وٺي ڇڏيا آهن

 حليم عادل شيخ چيو ته جج صاحب جي هدايت تي آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمينٽ تحت مون سعيد غني خلاف پنهنجا الزام واپس ورتا

واضح رهي ته سعيد غني حليم عادل خلاف هڪ هڪ ارب روپين جي هرجاڻي سميت 4 ڪيس داخل ڪرايا هئا

Leave A Comment