| الطاف سيال ۽ نويد شيخ زرعي ۽ اياز ورسٽين جا وي سي مقرر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور لاءِ وائيس چانسلرن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر الطاف سيال ۽ شيخ اياز يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر نويد شيخ کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي واضح رهي ته سرچ ڪاميٽي شيخ اياز يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر مير محمد شاھ، ڊاڪٽر نياز ڀٽو ۽ ڊاڪٽر نويد شيخ ۽ زرعي يونيورسٽي لاءِ ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر جان محمد مري ۽ ڊاڪٽر الطاف سيال جا نالا اماڻيا هئا.