القادر ٽرسٽ فيصلو اڄ چيلنج ٿيڻ جو امڪان: حڪومت سان ڳالهيون جاري رکيون وينديون: پي ٽي آءِ
جنوري 20, 2025
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پي ٽي آءِ جو القادر ٽرسٽ جو فيصلو اڄ چئلينج ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب پٽيشن تيار ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته حڪومت جو القادر ٽرسٽ ڪيس تي بيانيو غلط ۽ بي بنياد آهي، ڪيسز کي منهن ڏيندا رهنداسين ۽ حڪومت سان ڳالهيون به جاري رکيون وينديون، هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس تي فيصلي خلاف هڪ ٻن ڏينهن ۾ هاءِ ڪورٽ وينداسين، قانوني ۽ اخلاقي محاذ تي جنگ جاري رکي ويندي، هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ هر سطح تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، ملڪ کي ڏُکيائين مان ڪڍڻ جو حل ڳالهيون ۾ ئي آهي، هن چيو ته ملير جي قيمتي زمين ملڪ رياض خاندان کي مفت ۾ ڏني وئي، برطانوي سرڪار هِن ڪيس ۾ چيو ته اها رقم شڪي آهي، نيشنل ڪرائيم ايجنسي برطانيا ملڪ رياض خاندان جي 9 اڪائونٽس جي آڊٽ ڪئي هئي، برطانوي سرڪار بزنس ٽائيڪون جون اپيلون خارج ڪندي سندن ويزائون رد ڪيون هيون، اين سي اي ۽ ملڪ رياض ۾ ٿيل معاهدي ۾ چيو ويو ته منجمد ٿيل اڪائونٽس بحال ڪيا ويندا، اين سي اي چيو ته اهي پئسا پاڪستان جي رياست کي ڏنا ويندا، 23 نومبر 2023ع تي 171 ملين پائونڊ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ويا، اُنهن مان 9 جنوري تي 94 ارب وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي منتقل ٿيا، ڪير چوي ٿو پاڪستان ۾ ڪنهن ٿنڀ کي ٽڪي جو به نقصان ٿيو آهي.