اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي اڱاري تي طلب ڪيو آهي
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 23 مئي تي نيب اڳيان پيش ٿيندو
عمران خان جي وڪيل انتظار حسين پنجوٿا ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو آهي ته چيئرمين تحريڪ انصاف 23 مئي تي نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ جاچ آفيسر کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ صبح جو 11 وڳي پيش ٿيندو.