اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 5 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت عمران کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو به حڪم ڏنو
جسٽس ميان گل حسن جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني ڊويزن بينچ ٻڌڻي هلائي، عدالت فيصلي ۾ چيو ته ٽن ڏينهن اندر واڳيل عدالت سان رجوع نه ڪرڻ جي صورت ۾ عمران خان جي ضمانت غير اثرائتي ٿي ويندي
عمران خان جي وڪيل عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ جي درخواست ڪئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي ٽن ڏينهن اندر واڳيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي
هوڏانهن احتساب عدالت پاران به عمران خان جي 18 جون تائين ضمانت منظور ڪئي وئي آهي