الله منهنجو شاهد آهي، مون آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ بل تي صحيح ناهي ڪئي: صدر علوي ترديد ڪري ڇڏي

آگسٽ 20, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) صدر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح جي ترديد ڪري ڇڏي

صدر علوي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته الله منهنجو شاهد آهي، مون آفيشل سيڪرٽ ايٽ تي صحيح نه ڪئي

صدر علوي چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ترميمي بل ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ناهي ڪئي، مون انهن بلن مان متفق نه هئس، مان پنهنجي عملي کي چيو ته بل واپس موڪلي ڇڏيو

صدر علوي چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا عملي کان تصديق ڪئي ته بل بنا صحيح جي واپس موڪليا ويا آهن؟ مون کي اڄ معلوم ٿيو آهي ته منهنجي عملي منهنجي مرضي ۽ حڪم کي مجروح ڪيو

عارف علوي چيو ته الله سڀ ڄاڻي ٿو، آئون انهن سڀني کان معافي وٺان ٿو جيڪي ان بلن سان متاثر ٿيندا، مون بلن تي صحيح ناهي ڪئي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته صدر علوي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد ٻئي بل قانون بڻجي ويا آهن

Leave A Comment