اليڪشن تائين انٽرنيٽ بحالي جو حڪم: پي ٽي اي سميت ڌرين کي نوٽيس

جنوري 24, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش تان پي ٽي اي سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن تائين انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٻڌڻي دوران پي ايس 110 تان آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ جبران ناصر جبران ناصر موقف اختيار ڪيو ته هڪ ڏينهن انٽرنيٽ بند ٿيڻ سان اربين رپين جو نقصان ٿيندوآهي

هن چيو ته  اليڪشني اميدوار انٽرنيٽ ذريعي آساني سان پنهنجي چونڊ مهم هلائي سگهن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش ۽ رڪاوٽ سبب اميدوارن کي به تڪليف ٿي رهي آهي

 عدالت پي ٽي اي سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي اليڪشن تائين انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٻڌڻي 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment