اليڪشن فراڊ ذريعي اقليت اڪثريت مٿان ٿاڦي وئي، مني لانڊررز کي اقتدار مليو، 20 ارب ڊالر ٻاهر نڪري ويا: عمران
فيبروري 13, 2025
راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران خان اڄ آرمي چيف کي ٽيون خط جاري ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري ٻڌايو ته خط ۾ اليڪشن فراڊ ذريعي اقليت کي اڪثريت تي ترجيح ڏيڻ جو معاملو اٿاريو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته مني لانڊررز کي اقتدار ۾ ويهاريو ويو آهي.عمران خان خط ۾ چيو آهي ته دهشتگردي رول آف لا نه هجڻ سبب وڌي رهي آهي، 18 لک ماڻهو ملڪ ڇڏي ويا آهن، 20 ارب ڊالرن جو سرمايو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي، ڪورٽ پيڪنگ پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ ڪئي پئي وڃي، عمران وڌيڪ چيو ته 9 مئي واري واقعي تي اڄ به جوڊيشل ڪميشن واري مطالبي تي قائم آهيون، 8 فيبروري کانپوءِ پنجاب ۾ ڇاپن جو سلسلو اڃا به جاري آهي، خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته عامر ڊوگر کي اپوزيشن سان گڏجي مذاڪراتي ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو آهي، سياسي ڪميٽي ۾ ڪجهه نون ميمبرن جي اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انتظار پنجوٿا کي اڄ جيل ۾ ناهي وڃڻ ڏنو ويو، وڪيلن کي جيل ٽرائل ۾ نه پيو ڇڏيو وڃي. اسين جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ به اوپن ٽرائل جي درخواست داخل ڪنداسين.