اليڪشن وقت واعدا ڪندا آهيو، پر عمل ناهي ٿيندو: سجاول جوڻيجو ۾ ڳوٺاڻن جا نادر مگسي کي ڏوراپا

جنوري 24, 2024

سجاول جوڻيجو(رپورٽر) پ پ اميدوار نادر مگسي مختلف هنڌن تي ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻن تڪ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون

 نادر مگسي چيو ته شڪايتون جائز آهن، ڪم گهڻا ۽ فنڊ ٿورا آهن، اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، گذريل حڪومت ۾ جيڪي فنڊ مليا انهن جا ڪم ڪرايا

 ٻوڏ دوران تباهه ٿيل شاخون پڪيون نه ٿيڻ ۽ روڊ نه ٺهڻ جي سوال تي نادر مگسي چيو ته هن ڀيري ووٽ ڏيو ڪامياب ٿي سمورا ڪم ڪرائينداسين

ڳوٺاڻن معيار ڏيندي چيو ته توهان ھر اليڪشن ۾ واعدا ۽ وڏا اعلان ڪندا آھيو پر عمل ناهيو ڪندا

سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺن ڀائي خان مستوئي، ابراھيم جي وانڍ، پيارل جي وانڍ ۾ مستوئي برادري جي چڱن مڙسن پ پ کي الودع ڪري جي ڊي اي مظفر علي بروھي کي ووٽ ڏيڻ ۽ ٻن ڏينهن بعد جي ڊي اي جو جلسو ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو

 ھوڏانھن نادر مگسي پي ٽي آءِ کي الودع ڪري پ پ ۾ تازو شموليت ڪندڙ لياقت رند  جي رھائش  گاهه تي پھتو. لياقت رند خطاب ڪندي چيو ته پ پ ڊويزن صدر اعجاز جکراڻي ۽ نادر مگسي تي اعتماد ڪندي پ پ ۾ شامل ٿيو آهيان

 جنرل ڪائونسلر  صدام کوکر، عبدالنبي جتوئي، سجاد ڀٽي، پنھل کوکر، رسول بخش ڪولاچي، قربان ٽانوري، مولابخش ٽانوري ۽ ٻين پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

Leave A Comment