ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ صوبي ۾ روينيو کاتي ۾ وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، 120 مختيارڪارن تبديل ڪيو ويو آهي
سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد مختيارڪارن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، اڳوڻي حڪومت پاران نظر انداز ڪيل ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 75 مختيارڪارن کي به مختلف تعلقن ۾ مقرر ڪيو ويو
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب غلام قادر نهڙيو ڪراچي ڏکڻ ضلعي، آگرو مل اولهه ضلعي، جميل احمد قاضي ڪورنگي، خالد محمد لانگاهه سينٽرل ضلعي، ممتاز علي چنا اسڪيم 33 ضلعي اوڀر ۽ سجاد صداقت کي لياقت آباد ضلعي سينٽرل ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو آهي
ٺٽي، سجاول، بدين، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، مٺي، لاڙڪاڻي، ٽنڊي محمد خان ضلعن جا به مختيارڪار تبديل ڪيا ويا آهن
حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سانگهڙ، نوابشاهه، نوشهروفيروز، سکر، خيرپور، جا مختيارڪار به بدلي ڪيا ويا آهن.
ميرپورخاص، ڪشمور ۽ جيڪب آباد سميت صوبي جي 120 سب ڊويزنن ۾ مختيارڪارن کي تبديل ڪيو ويو آهي