اليڪشن کان ڀڄڻ ن ليگ جي عادت آهي، لاهور وارا کين ووٽ نه ڏين: بلاول ڀٽو زرداري
جنوري 11, 2024
لاهور (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن کان ڀڄڻ ن ليگ جي عادت بڻجي چڪي آهي، لاهور وارا ن ليگ کي ووٽ نه ڏين. لاهور ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور واسيو، واعدو ڪريو ته ن ليگ کي اليڪشن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، ن ليگ چاهي يا نه چاهي، اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي. هن چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊ ميدان ۾ آهي. ن ليگ وارا ڪٿي آهن؟ پيپلزپارٽي لاهور مان چونڊ وڙهي رهي آهي. اسان ته ميدان ۾ لهي چڪا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟ لاهور ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ لاهور ۾ به چونڊن لاءِ تيار آهي، گڏجي رات ڏينهن محنت ڪنداسين، عوام جو آواز بڻجنداسين. هن چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿي رهيون آهن، اسان ته ميدان ۾ لهي چڪا آهيون، ن ليگ جو اميدوار ڪير آهي؟ سندس چوڻ هو ته ٻڌو هو اين اي 127 ۾ ن ليگ جو راڄ آهي پر اهي هتي نظر نه پيا اچن، اين اي 127 تي پي ٽي آءِ به نظر نه پئي اچي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اختلاف وساري هڪ مهينو سخت جدوجهد ڪرڻي آهي، اسان پوئتي هٽڻ، گهٻرائڻ، جهڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا ناهيون.