اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي ڪابينا پاران ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري تي اعتراض واري ڇڏيا
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري وزيراعظم جي سيڪريٽري کي خط لکي اعتراضن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر ۾ سڌارا آڻڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر سڌارا اهم پاليسي فيصلن ۾ شمار ٿين ٿا، وزيراعظم کي مشورو ڏنو وڃي ته ايف بي آر ۾ سڌارا نه ڪري، ايف بي آر ۾ سڌارن جو جائزو عام چونڊن بعد چونڊيل حڪومت ڪري
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي هئي