اليڪشن ڪميشن تي سائبر حملو، سيڪيورٽي الرٽ جاري

جُولاءِ 7, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن تي سائبر حملو ٿيو، جنهن کانپوءِ اختيارين طرفان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

 سائبر حملي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ملازمن کي اي ميلز استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي الرٽ ۾ ملازمن کي چيو ويو آهي ته اهي وصول ٿيندڙ اي ميلز نه کولين، اي ميلز کولڻ سان قيمتي ڄاڻ چوري ٿي سگهي ٿي

 اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن کي اڻڄاتل اي ميلز نظرانداز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جو خصوصي اجلاس 10 جولاءِ 2023ع تي صبح جو ساڍي 11 وڳي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ ٿيندو

 اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جي بلدياتي چونڊن جي انتظامن ۽ چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ تي غور ڪيو ويندو

Leave A Comment