ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائين جي قانوني حيثيت ۽ ڪورم اڻپورو هجڻ بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي
سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي
طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته بلدياتي چونڊن جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ميئر جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي
ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪورم پورو نه هو، بلدياتي چونڊن بابت جيڪو به فيصلو ٿي رهيو آهي اهو غير قانوني آهي، هي عوامي مفاد جو معاملو آهي، ان کي فوري طور ٻڌڻ گهرجي
عدالت ايم ڪيو ايم جي جلد ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته ڪا جلدي ناھي، درخواست جي ٻڌڻي روسٽر موجب ٿيندي