اليڪشن ڪميشن جو ڪم عدالتن جا چڪر لڳائڻ نه چونڊون ڪرائڻ آهي: چيف جسٽس

جنوري 9, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ رٽرننگ آفيسرن کي اهو نٿي چئي سگهي ته ڪنهن جا نامزدگي ڪاغذ رد نه ڪريو. پي ٽي آءِ پاران ليول پليئنگ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڇا پي ٽي آءِ اهو چاهي ٿي ته سئو سيڪڙو نامزدگي ڪاغز منظور ٿي وڃن؟ان تي وڪيل لطيف کوسا چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪنھن فرنٽ لائن اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ناهن ٿيا. ڪاغذ ڦُريا ويا آهن، رٽرننگ آفيسر بطور ڊي سي پي ٽي آءِ خلاف ايم پي اوز جاري ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ کان سواءِ ڪنهن پارٽي جي اڳواڻن تي ايم پي او ناهي لڳو. جلسي جي اجازت نه پئي ملي. ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي. ان تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته کوسا صاحب! هتي سياسي تقرير نه ڪريو، ڏکڙا نه ٻڌايو، هي ڪو سياسي فورم نه آهي، جيڪڏهن توهان کي پاڪستان جي ڪنهن اداري تي اعتبار ناهي ته اسين ڇا ڪريون؟ چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ايم پي اوز سان ڪو تعلق نه آهي، ڪنن کان نامزدگي ڪاغذ ڦُريا پيا وڃن ته اهو اليڪشن ڪميشن کي ڏسڻو آهي. ان دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ مطابق پي ٽي آءِ جي 76 سيڪڙو اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا آهن. بعد ۾عدالت پي ٽي آءِ کي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب جي رپورٽ تي سومر تائين تحريري جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪيسن کي ڀوڳي يا چونڊون ڪرائي؟ چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا کان پڇاڻو ڪيوته کوسه صاحب! سياسي تقرير نه ڪريو، رڳو ايترو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ غلط ڇا آهي؟ ڪو هڪ ته ثبوت ڏيو، عدالت اُهو فيصلو ڏيڻ لاءِ ويٺي آهي، جيڪو توهان چاهيو ٿا، پر ثبوت پيش ته ڪريو، چيف جسٽس چيو ته توهان اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيو، ڇا اها رپورٽ پڙهي آهي؟ رپورٽ جي جواب ۾ عدالت آڏو لکت ۾ ڪجهه آڻڻو پوندو، لطيف کوسه رپورٽ پڙهي جواب ڏيڻ لاءِ ٽن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جا 76 سيڪڙو کان وڌيڪ نامزدگي فارم منظور ٿيا، پي ٽي آءِ جو پنهنجو اليڪشن سيل آهي ته پوءِ توهان وٽ انگ اکر ڇو نه آهن؟ چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن جنهن تيزي سان انگ اکر مهيا ڪيا، اُن جي توقع نه هئي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم عدالتن جا چڪر لڳائڻ نه، پر چونڊون ڪرائڻ آهي، وڪيل لطيف کوسه چيو ته پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ باني تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته عدالت آڏو پي ٽي آءِ باني جي ڪابه درخواست موجود ناهي، سڀ کان وڌيڪ درخواستون پي ٽي آءِ جون اچي رهيون آهن ۽ ٻڌيون به وڃن ٿيون، عدالت آڏو ڪا شڪايت ايندي ته ٻڌي ويندي، لطيف کوسه جي هر هر ڳالهائڻ تي چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس چيو ته توهان اسان کي سوال ئي نٿا ڪرڻ ڏيو، اسان کي پڇڻ کان روڪيو ٿا، ائين ڪريو عدالتي حڪم به توهان پاڻ لکرائي وٺو

Leave A Comment