اليڪشن ڪميشن رستاروڪ جي ڪوشش ڪئي، بيٽ نشان ملڻ بعد ڪاميابي پڪي آ: پي ٽي آءِ

جنوري 11, 2024

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر خان چيو آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هاڻي پي ٽي آءِ کي چونڊن ۾ ڪاميابي کان ڪير به روڪي نٿو سگھي. 8 فيبروري تي پي ٽي آءِ کي سادي اڪثريت سان ڪاميابي ملندي. پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات بعد اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر خان چيو آهي ته چونڊ نشان بابت پشاور هاءِ ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو، بيٽ پي ٽي آءِ نه پاڪستاني عوام ۽ ان جي حقن جي نشاني آهي. اليڪشن ڪميشن هر مرحلي تي پي ٽي آءِ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن اسان کي چونڊ نشان نه ملي ها ته سمورين سيٽن تان اليڪشن شڪي ٿي وڃي ها، نشان نه هجڻ جي ڪري ڪرپشن جي بازار لڳي وڃي ها. بيرسٽر گوهر خان وڌيڪ چيو ته دنيا جي سمورن قانون ۾ ڪنهن سياسي پارٽي کان نشان وٺڻ جو قانون نه آهي، اسان اهڙيون چونڊون ڪرايون جيڪي ڪنهن به پارٽيءَ نه ڪرايون آهن. اسين سڄي ملڪ جي هر تڪ تان اميدوار بيهارينداسين، سمورين ٽڪيٽن تي صحيح ڪري جاري ڪنداسين، اهي ميڊيا سان شيئر ڪنداسين. هن چيوته ٽڪيٽن لاءِ پيسن جي ڏيتي ليتي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي ڪميٽيون جوڙيون آهن، جن سان مشاورت بعد اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪندا آهيون.

Leave A Comment