اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار

جنوري 16, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، 8 فيبروري تي چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ جي منظور ڪيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط موڪلي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ٺهراءَ جو جائزو ورتو ويو، اليڪشن ڪميشن صدر مملڪت جي مشاورت سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو، هن وقت عام چونڊون ملتوي  نه ٿيون ڪري سگهجن، جڏهن ته 5 جنوري تي سينيٽر دلاور خان سڀ کان پهرين عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو، ان ٺهراءَ  جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا، اليڪشن جو شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ گذريل ڏينهن هڪ ٻيو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، جيڪو فاٽا سان تعلق  رکندڙ آزاد سينيٽر هلال  الرحمان جمع ڪرايو هو.

Leave A Comment